عثمان شاهه هڙي ۾ ڪارروائي، 2 منشيات فروش گرفتار

عثمان شاھ ھڙي ( ن ع آ ) عثمان شاھ ھڙي ويجھو عمر ساند پوليس نظاماڻي فارم وٽ ڳجھي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جوابدار سرفراز لنڊ ،  عبدالسلام کي گرفتار ڪري سندس قبضي ۾ 1100 گرام چرس  ھٿ ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري جيل اماڻيو ڇڏيو آھي جڏھن ته جوابدار سرفراز لنڊ ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾گهربل  آھي ايس ايڇ او عمر ساند منظور احمد جمالي جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي ٽنڊوالهيار جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون ويون آهن ۽ گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن کان وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.