مقصودو رند ڀرسان بٺي تي ڇاپو، هڪ جوابدار گرفتار، شراب هٿ

مقصودو رند(ن.ع.آ)  مقصودو رند لڳ ڳوٺ شير خان ٽالپر ۾ مقصودو رند پوليس ڪارروائي ڪندي ڪچي شراب جي بٺي تي ڇاپو ھنيو  ھن حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ايس.ايس.پي سانگھڙ بشير احمد بروھي جي حڪم تي منشيات خلاف مھم جي سلسلي ۾ ڳوٺ شير خان ٽالپر ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪچي شراب جي بٺي ھلندڙ ھئي جنھن تي اڄ ڇاپو هڻي ھڪ ڄڻي محمد بخش ٽالپر کي گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ کائنس 370 ليٽر ڪچو شراب پڻ ھٿ ڪري ورتو آهي جڏھن جوابدار مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.