ڳڙهي ياسين پوليس جو انوکو ڪارنامو، ڦورو آزاد، ڀاڳيا لاڪ اپ، ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

ڳڙهي ياسين(ن ع آ( ڳڙهي ياسين ۾ پوليس جي ڏاڍ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڳوٺاڻن منٺار علي ککراڻي، پنجل ککراڻي، جاڳڻ ککراڻي، الطاف ککراڻي ۽ ٻين چيو ته گذريل رات دير سان پنجل  ککراڻي سان ڦر جي واردات ٿي آهي، ڦورن روڪ رقم ۽ نياڻين جا سونا زيور لاٿا آهن، ايس ايڇ او ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران ڀاڳين جي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ٻارن تي تشدد ڪرڻ هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو آهي. هنن چيو ته پوليس گردي قبول نه ڪئي ويندي، پوليس بااثرن خلاف ڪارروائي بدران غريبن ۽ ڀاڳين تي چڙهائي ڪري ڌمڪائي ٿي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ذميوارن کان پڇاڻو ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏياريو وڃي. هوڏانهنم ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين پهچي ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو . جڏهن ته ايس ايس پي شڪارپور ڪيپٽن (ر) فيضان علي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين عبدالوحيد منگي کي هٽائي سندس جاءِ تي خميسو خان بروهي کي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين مقرر ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.