حيدرآباد ۾پيرسن جي آزادي ۽ وڏيري جي ظلم خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم جي ڳوٺ سڄڻ ڏيٿو جي رهواسي پوپٽ ڪولهي پنهنجي امڙ جمنه سان گڏ پيءُ موئوجي ڪولهي جي اغوا ۽ وڏيري پاران هارپي جو حساب نه ڏيڻ خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو. هن الزام هڻندي چيو ته هو وڏيري طاهر ڏومري ۽ همايون وٽ هارپو ڪندا هيا حساب نه ڏيڻ تان اسان وڏيرن مٿان ڪيس داخل ڪرايو جنهن تان هو مڇرجي پيا ۽ گهر ۾ گهري  منهنجي پيءُ مائوجي ڪولهي کي اغوا ڪري ويا، جنهن جو ڪيس قاسم آباد ٿاڻي تي داخل ڪرايو آهي پر 2 مهينن کان هو وڏيرن جي قيد ۾ آهي جنهن سبب سخت پريشان آهيون. هنن لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي پيءُ مائوجي ڪولهي کي بازياب ڪرائي وڏيرن کان هارپي جو حساب ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.