عورت جي ليڊرشپ سان ئي معاشرو ترقي ڪري سگهي ٿو: ٺٽي ۾ تقريب

مڪلي(رپورٽ: اياز جلالاڻي) سنڌ جي عورت اڳواڻن، سياسي، سماجي شخصيتن، تعليمي ماھرن ۽ شاگردن سنڌ جي عورت کي خودمختيار عورت بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آھي  ته جيستائين عورت جي ھٿن ۾ ليڊرشپ نه ھوندي تيستائين معاشرو ترقي نٿو ڪري سگھي. اھڙن خيالن جو اظھار مڪلي ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ٺٽو پاران ٻئي ادبي ميلي ۾ 21ھين صدي ۾ عورتن جو سماج ۾ ڪردار ۽ خودمختياري جي عنوان ٿيل نشست ۾ اڳواڻن خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ادبي ويھڪ کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي پروفيسر ڊاڪٽر عرفانہ ملاح خطاب ڪندي چيو  ته پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ٻين ملڪن ۾ عورتن جي خودمختياري اھم ۽ نرالي آھي، سريلنڪا ۾ 94 سيڪڙو عورتون پڙھائي ۽ روزگار سان سلھاڙيل آھن، ملائشيا ۾ 84 سيڪڙو، چائنا ۾ 100 سيڪڙو، ھندستان ۾ 75 سيڪڙو ۽ بنگلاديش ۾ 78 سيڪڙو عورتون پڙھائي ۽ روزگار سان واڳيل آھن. جڏھن ته پاڪستان ۾ 35 سيڪڙو عورتن پڙھن ٿيون ۽ صرف 10 سيڪڙو عورتون گريجوئيٽ آھن. ادبي ويھڪ کي امر سنڌو خطاب ڪندي چيو  ته ون يونٽ ۾ جيڪا تحريڪ ھلي ھئي، ان ۾ عورتن جو اھم ڪردار رھيو آھي، عورتن جي سياسي تحريڪ ۾ اختر بلوچ ۽ مائي بختاور کي وساري نٿو سگھجي. جدوجھد جي ميدان ۾ مائي. جندو جو اھم ڪردار آھي، ادبي ويھڪ کي سنڌياڻي تحريڪ جي عورت اڳواڻ ايڊوڪيٽ پرھ سومرو خطاب ڪندي چيو  ته ھڪ سوچيل سمجھيل سازش تحت عورتن کي گھر ڀيڙو ڪيو ويو آھي، صدين کان عورتن کي غلام بڻايو ويو آھي،. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر رفيق ميمڻ، سيدہ فضا شاھ، فيضان اسماعيل ميمڻ، لڪي جاکرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏھن  ته ان کان اڳ ٺٽو ادبي ميلي ۾ ٺٽي جي مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جي شاگردن شرڪت ڪري شاعري سميت ٻين مقابلن ۾ حصو ورتو. ادبي ميلي ۾ مختلف کاڌن سميت ڪتابن جا اسٽال لڳائي مصوري جي نمائش ڪئي وئي. جڏھن تہ لائبرري جو قيام بہ عمل ۾ آندو ويو. آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ۾ راڳي عباس فقير، محبوب خاصخيلي ۽ ٻين سُرن جي ورکا ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.