دڙي ويجهو اسڪول ۾ ثقافتي رنگ، گيتن تي رقص

دڙو (ن ع آ)  دڙي ويجهو اسڪول ۾ ثقافتي تقريب ٿي گذري، شاگردن انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪيو، ڳوٺ علي محمد ٿھيم جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ عوامي آواز ۽ سنڌي ميڊيا طرفان ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب ٿي، تقريب ۾ اسڪول جي استادن، شاگردن، ڳوٺاڻن ۽ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ثقافتي لباس پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اسڪول جي شاگردن انساني زنجير ٺاهي ايڪتا جو اظهار ڪيو. تقريب ۾ شاگردن ۽ محبتي آرٽس سرڪل ٽيبلوز پيش ڪيا، ۽ سنڌي گيتن تي رقص ڪري ڀرپور داد حاصل ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.