ڪنڊيارو ۾ سيپڪو نوشهري جون ڪارروايون، چوري ڪنيڪشن هٿ، تارون ضبط

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) ڪنڊيارو ۾ نوشهرو فيروز جي  سيپڪو انجنيئر منصور ڀنڀرو جي ٽيم اسحاق مڱريو، زاهد مهيسر، فدا چنه ۽ ٻين سان گڏجي ڪنڊيارو جي ٻنهي فيڊرن ۾ بجلي چورن ۽ باقيدارن خلاف ڪارروائي ڪئي،ڪارروائي ۾ ڪيترائي چوري وارا ڪنيشن هٿ ڪري بجلي جون تارون لاهي ضبط ڪيون ويون، باقيدارن کان بل جي مد ۾ لکين روپيه اوڳاڙي ڪئي وئي.ڪارروائي دوران سيپڪو انجنيئر منصور ڀنڀري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بجلي چوري ۽ لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول  لاءِ ڪنڊيارو شهر توڙي  نوشهروفيروز جي ٻين شهرن ۾ سيڪيورنگ وارو عمل جاري آهي،سيڪيورنگ مڪمل ٿيڻ بعد بجلي لوڊشيڊنگ ۾ وڌيڪ گهٽتائي آندي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.