رتوديرو: پوليس چڙهائي خلاف پاڪ ڪتاب کڻي عورتن جو احتجاج

رتوديرو (ن ع آ) رتوديرو لڳ ڳوٺ سومر واهڻ جي رهواسي ڳوٺاڻن عورتن پاران پوليس چڙهاين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي انصاف  جي گهر ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ عورتن حاڪم خاتون، ببلي، حاجل، ياسمين راڻي چنو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته هڪ مهينو اڳ رتوديرو شهر جي پراڻي پوسٽ آفيس پاڙي ۾ سومر مرکياڻي کي سندس ذات جي ئي ماڻهن قتل ڪري ان جو الزام اسان جي مردن مٿان لڳايو هيو پر ان قتل ۾ اسان جا مرد ملوث نه آهن. هنن چيو ته رتوديرو پوليس ڏاڍ ڪري اربع ۽ خميس جي وچ واري رات فجر ويل ننڊ ستل هياسين اسان جي گھرن ۾ ڌاڙيلن جيان ڪاهي پئي. ايس ايڇ او رتوديرو اياز پٺاڻ، اي ايس آءِ صديق بروهي ۽ ٻيا ڪيترائي پوليس اهلڪار ستن موبائلن ۾ سوار ٿي ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهي گھرن ۾ داخل ٿي اندر پيل سامان جي ڀڃ ڊاهه ڪري وڏو نقصان ڪيو آهي، جڏهن ته پوليس ڳوٺاڻن اسحاق، آصف، گلشير، سڌير، فياض، راشد، اياز ۽ فيضان چنو جي گھرن مان ٻه موٽر سائيڪلون، پنج تولا سون، 10 ڇيلا ۽ ٻڪريون، 3 مينهون، 10 سولر پليٽون ۽ 2 لک رپيا رقم، 10 مڻ ڪڻڪ ۽ 50 مڻ ساريون کڻي وڃڻ سان گڏ ٻن اسڪولي شاگردن فدا حسين ۽ فياض چنو کي کڻي ويا آهن. جڏهن ته اڳ ۾ اسان جا ٽي ڄڻا مرتضيٰ ، غلام محمد ۽ عبدالجبار چنو رتوديرو پوليس وٽ مقتول سومر مرکياڻي جي قتل ڪيس ۾ قيد آهن پر پوءِ به پوليس اسان سان بيواجبي ڪري رهي آهي ۽ اسان جي گھرن تي چڙهايون ڪري عورتن ۽ مردن کي تشدد جو نشانو بڻائي ظلم ڪيو آهي. هنن چيو ته سال اڳ مرکياڻي ذات جي هٿياربندن اسان جا ٻه ڄڻا دلشير ۽ منصور چنو قتل ڪري چار ماڻهو زخمي ڪيا هئا جنهن واقعي ۾ ملوث جوابدارن رابيل، سمين ۽ فتاح مرکياڻي کي هن وقت تائين پوليس گرفتار نه ڪيو آهي، رهندو اهي روپوش جوابدار اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آهي ته مامري جي صحيح جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.