نئون ڳوٺ: مسافر خاني تي پوليس جو ڇاپو، ڏوهاري گرفتار

نئون ڳوٺ (ن ع آ) نئون ڳوٺ درگاھه سعدي موساڻي  ڀرسان پوليس ڳجھي اطلاع تي خانگي مسافر خاني تي ڇاپو ھڻي ڪراچي جي ٿاڻي بن قاسم ملير جي حد ۾ قتل ڪيس ۾ گھربل اشتھاري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي. ايس ايڇ او نئون ڳوٺ مختيار بالادي ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ جو رھواسي جوابدار فرمان علي نصيراڻي قتل ڪيس ۾ اشتھاري گھربل جوابدار ھيو، جنھن کي ايس ايس پي آفيس دادو جي اطلاع تي درگاهه سعدي موساڻي تي خانگي الغفار مسافر خاني مان گرفتار ڪيو آھي. گرفتار جوابدار جي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي پوليس حوالي ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.