جهول ۾ تپيدار جي ڪرپشن کان تنگ همراهه پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

جهول )رپورٽ:غلام نبي ملوڪاڻي) مختيارڪار سنجھورو آفيس ۾ مبينھ ڪرپشن خلاف کورکاڻي واسي طرفان خودڪشي جي ڪوشش. گذريل ڏينهن مختيارڪار آفيس سنجھورو ۾ ديھ کورکاڻي جو تپيدار لياقت جٽ کاتيدار سومر شيخ  کي پنهنجي اباڻي زمين جا ڪاغذ نه ڏيڻ تان سومر شيخ پنهنجي پاڻ مٿان مختيار ڪار آفيس سامھون  پيٽرول هاري خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن کي اتي موجود ماڻهن ۽ روينيو کاتي جي ملازمن سڙڻ کان بچائي ورتو.  سومر شيخ جو چوڻ آھي تھ تپيندار لياقت جٽ ڪيترن کاتيدارن جا کاتا مٽائي ٻين بااثرن کاتيدارن جي نالي ڪري ڇڏيا آهن، کيس خدشو آھي تھ سندس کاتو ڪٿي تبديل نه ڪري ڇڏيو هجي. ھوڏانھن تعلقي سنجھورو جي آبادگارن، چيف جسٽس سنڌ، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري روينيو، ڊائريڪٽراينٽي ڪرپشن ڪراچي، ڪمشنر شھيد بينظير آباد؛ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ، اينٽي ڪرپشن سرڪل آفيسر سانگهڙ ۽ ٻين واسطيدار ادارن کان گهر ڪئي آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر سنجھورو، مختيار ڪار  روينيو سنجھورو جي آفيس ۾ مبينھ ڪرپشن جو نوٽيس وٺي اسسٽنٽ ڪمشنر سنجھورو، مختيار ڪار سنجھورو، تپيدار ديھ کورکاڻي لياقت جٽ  خلاف ڪارروائي ڪري کاتيندار سومر شيخ جي خودڪشي ڪرڻ جي ڏوھ جي ايف آئي آر داخل ڪرائي سومر شيخ جي زمين جي ڪاغذن جو جائز مسئلو حل ڪري سنجھورو جي آبادگارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ سخت احتجاج سڏ ڏنو ويندو.

  • مولا بخش ميربحر ۽ شفيع ملاح جي بدلي روڪڻ جي پٽيشن خارج

حيدرآد (رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد،  ڊپٽي ڊائريڪٽر اين سي ايڇ ڊي ڄامشوري  طرفان مولا بخش ميربحر ۽ شفيع ملاح جي بدلي روڪڻ جو نوٽيفڪيشن جمع  ڪرائڻ تي پٽيشن خارج ڪري  ڇڏي. مولابخش ميربحر ۽ فيلڊ آفيسر شفيع ملاح،  فيلڊ آفيسر سانگهڙ مشتاق علي ٽالپر پٽيشن  داخل ڪرائي ھئي تھ کين غير قانوني بدلي ڪيو ويو آھي، ڪالھھ ڊپٽي ڊائريڪٽر اين سي ايڇ ڊي ڄامشورو عدالت ۾ پيش ٿي جواب ۾ جبري  بدلي جو آرڊر واپسي جو نوٽيفڪيشن جمع ڪرايو  ۽ عدالت کي ٻڌايو تھ بدلي جو آرڊر  ڪينسل ڪيو ويو آھي، جنھن تي عدالت پٽيشن داخل خارج ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.