ٺارو شاهه لڳ پسند پرڻو ڪندڙن جي گهر تي ڪاهه، ناري اغوا، فائرنگ 2 نوجوان زخمي

ٺاروشاھ  ( رپورٽ:  تنوير قريشي ) ٺارو شاهه لڳ پسند پرڻو ڪندڙ جوڙي جي گهر تي حملو، ناري اغوا، ٻه نوجوان زخمي، ڳ ڳوٺ مٺو سيال جي رھواسي نوجوان راشد سيال چار مھينا اڳ مسمات شبيران ڌي يعقوب سيال  سان عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو ھو، يعقوب، منصور، نواب صاحب، غوث بخش، رضوان ۽ ٻين گهر تي حملو ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان راشد سيال جي ڀائيٽي 16 سالن جي نينگري رضوانا سيال کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، جڏھن ته مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان راشد سيال جا 2 ڀائٽيا ساگر ۽ جھانگير گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، جن کي رورل ھيلٿ سينٽر نيو ويو آھي، جڏھن ته جھانگير سيال کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاھ اسپتال نيو آھي، جڏھن ته غلام شبير سيال جي فرياد تي ٺاروشاھ ٿاڻي تي 14 جوابدارن يعقوب ۽ ٻين مٿان اغوا ۽ جھيڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جڏھن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سڳھي آھي، ايس ايچ او ٺاروشاھ حنيف مھر ٻڌايو ته 14 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آھي جلدي جوابدار گرفتار ٿي قانون جي ڪٽھري ۾ آندا ويندا.

onlyanjam0321

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.