عثمان شاھ ھڙي ۾اسڪول اندر فرنيچر ج کوٽ،تعليم سخت متاثر

عثمان شاھ ھڙي (ن ع آ) عثمان شاھ ھڙي ويجھو يونين ڪائونسل ٽنڊو سومرو جي ڳوٺ غلام رسول عاقلاڻي ۾ محمد خان جوڻيجو جي  دور حڪومت ۾قائم ٿيل پرائمري اسڪول ۾فرنيچر نه ھئڻ ڪري 50 کان مٿي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن جنھن جو تعداد 50 جي لڳ ڀڳ آهي ان سلسلي ۾ ڳوٺ جي نيڪ مرد غلام قادر عاقلاڻي، محمد عالم عاقلاڻي، نادر عاقلاڻي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسڪول جي نئين بلڊنگ ته ملي چڪي آهي پر فرنيچر نه ملڻ ڪري ٻارڙا سرن تي ويھي تعليم حاصل ڪري رھيا آھن ان حوالي سان ٽي او ايجوڪيشن جھنڊو مري ۽ ڊي او ايجوڪيشن ٽنڊوالهيار کي ڪيترائي ڀيرا اسڪول جي فرنيچر جي کوٽ بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر اڃان تائين کين صرف دلاسا ڏنا ويا آهن ان سلسلي ۾ ھنن صوبائي وزير تعليم سيد سيد سردار  شاھ ء سيڪريٽري تعليم ڊائريڪٽر ايجوڪيشن حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام رسول عاقلاڻي ۾ فرينچر مھيا ڪري شاگردن کي بھتر تعليم ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.