ڀتو نه ڏيڻ تان قتل جون ڌمڪيون، پني عاقل واسي جو سکر ۾ احتجاج

سکر (رپوٽر ) پنو عاقل جي ڳوٺ گجر باگڙي جي رهواسين باگڙي برادري اتحاد جي چيئرمين پريم داس، نانڪ رام، پرڀو، جڳپال، منٺار. رامداس، ڦول چند، مکڻو ۽ ٻين  پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو ته انهن جي ئي برادري سان تعلق رکندڙ مگر باگڙي؛ شيوڪ باگڙي ۽ جگو باگڙي مسلسل تنگ ڪري رھيا  آھن ۽ مختلف بهانن سان ڀتو ڏيڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آهن جڏهن ته ڳوٺ ۾ مندر جي تعمير جي لاءِ گڏ ڪيل چندي جي رقم مان به ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ قتل ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.  رات جي وقت ۾ گهرن کان ٻاهر چڪر ۽ شهر ويندڙ رستن تي پيڇو ڪري حراسان ڪري رھيا آھن اسان جي جان کي خطرو آهي هنن ڊي آئي جي سکر؛ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته انهن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ ڀتو گهرندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔

  • لمس ڄامشورو جي تعمير ٿيندڙ هاسٽل جي غلط اڏاوت

ڄامشورو (ڊ ر) ڄامشورو ۾ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي شاگردن جي رهائش لاءِ نئين تعمير ٿيندڙ هاسٽل جي اڏاوت ۾ غلط رٿابندي سبب ڪروڙين رپيا ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي. پاڪستان هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي شاگردن جي رهائش لاءِ نئين هاسٽل جوڙڻ جي سلسلي ۾ ڪروڙين رپين جو فنڊ جاري ڪيو ويو.. ، ڄاڻايل پي جي ھاسٽل جي ٻن بلاڪن جي تعمير جوهاڻوڪي وقتي وائيس چانسلر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ پاران 9 فيبروري 2022ع تي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو، هاسٽل جي تعمير لاءِ هيڪ پاران مقرر پروجيڪٽ ڪو آرڊينيٽر پروجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ لمس ڄامشورو انجنيئر گلزار احمد مھر پاران غلط رٿابندي ڪرڻ سبب سرڪار جا ڪروڙين رپيا ضايع ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مليل ڄاڻ موجب هاسٽل جي سامهون واري مک روڊ کان 5 فوٽ هيٺ هاسٽل جو بنياد رکيو ويو آهي، جنهنڪري برساتن دوران هاسٽل جي ڪمرن اندر گوڏي جيڏو پاڻي بيهڻ جو خدشو آهي. مليل ڄاڻ موجب پي جي هاسٽل سامهون واري مک روڊ کان 5 فوٽ مٿي تعمير ڪرڻي هئي، پر هيڪ طرفان مقرر پروجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر انجنيئر جي غلط رٿابندي ۽ ڪرپشن سبب ڄاڻايل هاسٽل جو منصوبو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪاره بڻجي ويو آهي، قدرتي برساتن ۽ هاسٽل جي ڊرينيج سسٽم جي ڪابه رٿابندي نه ڪئي وئي آهي. ڄامشوري جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان جوڙايل عمارت ضايع ٿيڻ کان بچائي ڪرپشن ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.