خيرپور ۽ ڀرپاسي سائي وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، هفتي اندر 7 ماڻهو فوت

خيرپور(رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو) خيرپور ضلعي ۾ هيپاٽائيٽس سي ۽ بي جهڙو موذي مرض تيزي سان پکيڙجڻ لڳو هڪ هفتي جي اندر هڪ ئي ڳوٺ جا 7 ماڻهون فوت ٿي ويا آهن هن سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڳوٺ غلام محمد جاگيراڻي ۾ ڪاري ڪامڻ سبب 25 سالن جو محمد صديق ولد خان محمد جاگيراڻي ڪاري ڪامڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو جڏهن ته منور جاگيراڻي  شھزادو جاگيراڻي  ,مرحومه اقبال خاتون ,حاجي سعيد خان , مسمار ڀانل خاتون پڻ  ڪاري ڪامڻ سبب فوت ٿي ويا آھن ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويوآ هي ڊي ايڇ او خيرپور  رحمت الله جي  نااھلي ۽  لاپرواھي سبب ڪاري ڪامڻ جي ڪري ڪيترائي نوجوان مرد عورتون فوت ٿي ويون آهن ڇو ته اڳوڻو ڊي ايڇ او خيرپور هيپاٽائيٽيس سي ۽ بي جي روڪ ٿا، لاءِ خيرپور ضلعي جي هر تعلقي يونين ڪائونسلس ۽ ٽائون ڪميٽين ۾ پنهنجا نمائندا مقرر ڪيا هئا ۽ ڪاري ڪامڻ جي انهن کي هر مهيني ڪورس ڏيندا هئا جڏهن ته سول اسپتال خيرپور جو سول سرجن ڊاڪٽر علام جعفر سومرو سنڌ حڪومت جي تعاون سان سول اسپتال جي مين گيٽ وٽ ڪاري ڪامڻ ۽ سائي جو هڪ سينٽر مقرر ڪيو هيو جنهن جي انچارج ڊاڪٽره صالحان بلوچ هئي ۽ ڊاڪٽر غلام جعفر سومرو جي ڪوششن سان ان سينٽر مان ڪاري ڪامڻ جا 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهون زير اعلاج هئا جيڪي صحتياب ٿي ويا ۽ اڄ ڏينهن تائين ڊاڪٽر غلام جعفر کي دعائون ڪندا آهن جڏهن کان ڊاڪٽر غلام جعفر سومرو ريٽائيرڊ ٿي ويو ۽ ڊاڪٽر ڪيلم الله ميمڻ سميت 10 کان وڌيڪ ايم ايس آيا ۽ ويا پر ڪنهن به هيپاٽائيٽيس سينٽر ڏانهن توجا نه ڏنو ۽ اهو سينٽر تباھ ٿي ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين بند پيل آهي خيرپور جي رهواسين سيڪريٽري صحت کان مطالبو ڪيو آهي راشي ڊي ايڇ او کي هڪ دم هٽايي ڪو ايماندار ڊي ايڇ او مقرر ڪيو وڃي ۽ سول اسپتال ۾ بند پيل هيپاٽائيٽيس سي ۽ بي جو سينٽر کوليو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.