تنگواڻيءَ ۾ مليريا جا ديرا، هڪ ئي ڏينهن 2 ٻارڙيون فوت

تنگواڻي ( ن ع آ)  تنگواڻي ۾ مليريا ديرا ڄمائي ڇڏيا، هڪ ئي ڏينهن2 معصوم ٻارڙيون فوت ٿي ويون،ڳوٺ ڳھڻو کوسو واسي 3 ورهين  جي سميرا ڌيءُ نبي بخش لاشاري ۽ ڳوٺ الله يار نندواڻي واسي 3 ورهين جي معصوم ٻارڙي نسيما ڌيءُ نوراحمد نندواڻي فوت ٿي وئي، فوتگين جو انگ وڌي 47 ٿي ويو، برسات تي مهينا گذري ويا، ڪيترين ئي علائقن مان اڃان پاڻي نيڪال نه ٿيو، گندگي سبب مليريا، ڊائيريا ۽ ٻيون بيماريون وڌي ويون. رهواسين جي دانهن باوجود انتظاميا اک نه پٽي، صحت کاتي هٿن تي هٿ رکي ڇڏيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.