ميپور خاص ۾ ڪائونسلر جو قتل ڪيس 4 ڄڻن تي داخل، ڇڪتاڻ

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپور خاص ۾ مارجي ويل ڪائونسلر جي قتل جو ڪيس داخل ٿي ويو، غلام حيدر لغاري جي قتل جو ڪيس  سندس ڀاءُ محمد خان لغاري جي فرياد تي 4 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، پوليس يارمحمد لغاري، بچل لغاري، قربان لغاري ۽ عرفان لغاري ڪيس داخل ڪيو. آخري اطلاع تائين جوابدار گرفتار نه ٿيا. واقعي بعد ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويئي آھي. پوليس موجب واقع جو ڪيس وارثن جي فرياد تي داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو. ٻي طرف وارثن پوليس جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظھار ڪندي چيو آھي ته پوليس بااثرن جي گرفتاري کان لنوائي ٿي. پوليس کي واقع کان اڳ ئي اطلاع ڪيو ويو هو، پر ڪاروائي نه ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.