فوج پاران سياست کان پري رھڻ تي عمل جو سوال

ڇا پاڪستان جھڙي رياست ۾ فوج پاڻ کي سياست کان پري رکي سگھندي يا نھ ؟ اڄ ڪلھھ ملڪ ۾ اھو پڻ ھڪڙو بحث شروع ٿي ويو آھي،ان جو پس منظر ھي آھي تھ پاڪستان تحريڪ انصاف جي عسڪري قوت پاران ڪيل ضرورت کان وڌيڪ مدد سبب اھو سوال سياسي سماجي ۽ صحافتي حلقن ۾ شدت سان بحث جو موضوع بڻجي ويو ھو،جنھن ۾ وڌيڪ تيزي وري تڏھن آئي جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت بي اعتمادي اوري رٿ سان ختم ٿي وئي،جنھن جي ردعمل ۾ پي ٽي آءِ فوج تي سڌي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي،نھ رڳو ايترو پر ھن ڀيري ھٽايل حڪومت جي حامين توڻي پاڪستان تحريڪ انصاف سموريون حدون ۽ سرحدون پڻ پار ڪري وئي ھئي.

جيڪڏھن پاڪستان جي سياست ۾ سڌي يا اڻ سڌي مداخلت جي ڳالھھ ڪجي تھ ڪو بھ دور اھڙو نھ رھيو آھي جنھن ۾ فوج جي سياسي مداخلت نھ رھي ھجي،اھو ئي سبب آھي جو ملڪ جون سموريون سياسي جماعتون اھو چون ٿيون تھ فوجي جي سياست ۾ گھڻي مداخلت رھي آھي،اھا رڳو ڳالھھ نھ آھي پر ان جا ھزارين ثبوت ۽ ثابتيون پڻ موجود آھن،جنھن ڪري ملڪ جي جمھوريت ۽ سويلين بالادستي بابت ھر دور ۾ سوال پيدا ٿيندا رھيا آھن،ان بابت سموري پريس توڻي سياسي ڌريون ڳالھائڻ کان نٽائينديون رھيون آھن يا وري اھڙي مداخلت سان فائدي ۾ رھندڙ ڌر ان کي غلط قرار نھ ڏيندي آھي جڏھن تھ ان جي ابتڙ متاثر ٿيندڙ جماعت ان کي غلط عمل چوندي رھي آھي.

2018 وارين عام چونڊن ۾ تھ سڄي دنيا اھو محسوس ڪيو تھ پي ٽي آءِ کي اقتدار جي مسند تي ويھارڻ ۾ فوج پراڻن سمورن رڪارڊن کي ٽوڙي ڇڏيو ھو، ان بابت ڪيتريون ئي ڪھاڻيون مشھور ٿيون.اھا پڻ وڏي حقيقت آھي تھ ٻنھي وڏين سياسي جماعتن جي سياسي اثر کان ڪنھن حد تائين دٻاءُ ۾ رھندڙ اسٽيبلشمينٽ 2013 کان عمران خان جي شخصيت کي سنوارڻ شروع ڪيو ھو جنھن کي ھٿ سان صادَق ۽ امين جو لقب پڻ ڏياريون ويو،سموري روايتي ۽ غير روايتي ميڊيا ذريعي اھو تاثر پکيڙيو ويو ھو تھ ملڪ ۾ واحد عمران خان ئي سچو ايماندار ۽ ھاڪاري ماڻھون آھي،جنھن وري اقتدار جي واڳ حاصل ڪرڻ بعد اھڙو ڪم ڪيو ھو ھاڻي تھ سمجيھو وڃي ٿو تھ اھو ھر معاملي ۾ ھر ڪنھن کان ٻھ ھٿ اڳيان آھي.پنھنجي ئي ھٿن سان جوڙيل شخصيت جڏھن اسٽيبلشميٽ کي اکيون ڏيکارڻ لڳو تھ وري ان جو پڻ اھڙو ئي بندوبست ڪيو ويو.

ويجھڙائي ۾ وري فوج جي ترجمان اداري اھو اعلان ڪيو تھ فوج ھاڻي پاڻ کي سياست کي پري رکڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آھي،جنھن بعد پڻ اھو تھ نٿو چئي سگھجي تھ اھا مڪمل طور تي غير سياسي ٿي وئي آھي،پر اھو جھڙو ڪر عوام ۽ سياسي ڌرين سان ھڪ واعدو ڪيو ويو آھي. ڪنھن بھ ڳالھھ جي پرک يا ان جي ماپ  تور تھ وري ميدان ۾ وقت گذرڻ سان ئي ٿيندي.

سو ھاڻي اھو ڏسڻو پوندو تھ وقت سان گڏوگڏ فوجي جي سياسي معاملن ۾ مداخلت گھٽجي ٿي يا نٿي گھٽجي،باقي ماضي جي رڪارڊ کي ڏسڻ سان ڪو بھ ان ڳالھھ کي دل سان قبول ڪرڻ جي لاءِ تيار نھ آھي،ان ڪري جو ھن ملڪ ۾ ڌرين جا مفاد اھڙا  وچڙيل آھن جو ان بابت ڪجھھ بھ چوڻ وقت کان اڳ جي ڳالھھ ھوندي.

پاڪستان جي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا اربع ڏينهن دفاع پاڪستان جي ڏينهن جي حوالي سان تقريب ۾ تقرير ڪندي وري ان ڳالهه کي ورجايو ته هاڻي فوج غير سياسي ٿي چڪي آهي ۽ اهو فيصلو فوجي قيادت فيبروري ۾ ڪيو هو. ان بابت ڪافي غور ويچار اھڙو فيصلو ڪيو ويو ھو تھ فوج مستقبل ۾ ڪنهن به سياسي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي.هن اعتراف ڪيو ته 70 سالن کان فوج سياست ۾ رڌل آهي، جيڪا نه رڳو غير آئيني آهي پر ان عمل فوج کي به تنقيد جي دائري ۾ آندو آهي.

آرمي چيف رٽائرمينٽ کان ٿورو اڳ جيڪو ڪجهه چيو آھي ان کي  مثبت عمل طور سمجھيو پيو وڃي.پر ڪي ڌريون سمجھن ٿيون تھ  جنرل قمر باجوا جي سموري تقرير سياسي هئي.

مبصرن جو خيال آھي تھ سياست ۾ فوج جو ڪردار رات وچ ۾ ختم نٿو ٿي سگهي. فوج جو اڃا به سياسي ڪردار آهي. جيستائين اقتداري ڍانچي ۾ تبديلي نه ايندي اهو مقصد حاصل نه ٿي سگهندو. اقتداري سياست جو ڍانچي طئي ڪندو تھ اها تبديلي نه آئي آهي يا نھ آھي.

رٽائرڊ ٿيندڙ فوجي اڳواڻ جي چيل ڳالھھ يقينن ايندڙ فوجي سربراھ جي لاءِ ھڪ آزمائش ھوندي، نئون آرمي چيف پنهنجي مرضي سان پنهنجي ٽيم ٺاهيندو ۽ وڏي پيماني تي مقرريون ۽ بدليون به ٿينديون، جنهن کانپوءِ معلوم ٿيندو ته مستقبل ۾ صورتحال ڪهڙو رخ اختيار ڪري سگهي ٿي. جنرل باجوا جو چوڻ ھو تھ ھو يقين ڏياري ٿو ته سندس ڪيل ڳالھھ  تي سختيءَ سان عمل ڪيو ويندو. پر ان آئيني عمل کي ڀليڪار ڪرڻ بدران ڪجهه حلقن فوج تي اجائي تنقيد ۽ انتهائي نازڪ ٻولي استعمال ڪرڻ شروع ڪئي آھي جيڪو ڪنھن بھ طرح سان مثبت ڳالھھ نھ آھي.

پراڻي رڪارڊ کي ڏسڻ بعد اھو فوري طور تي قبول ڪرڻ گھڻو ڏکيو ٿي رھيو آھي پر جئين تھ ماڻھون کي بھتري جي اميد ڪرڻ گھرجي،سو فوج جي حلقن پاران ڪيل ڳالھھ ۽ ان طرفان يقين ڏيارڻ بعد ھاڻي تھ وري اھو سڀڪجھھ وقت تي ڇڏڻو پوندو تھ فوج ڪيتري ۽ ڪنھن حد تائين غيرسياسي رھي ٿي يا ملڪ جي آئين جي ۾ مقرر ڪيل پنھنجي ڪردار  کان ڪٿي ھٽي ٿي.تيستائين ان ڳالھھ تي شڪ نھ ڪرڻ گھرجي تھ بھتر آھي.

ملڪ ۾ اڳي ئي حالتون گھڻيون نازڪ آھن، ان ڪري ان کي ٿڌائپ سان آھستي آھستي غير جانبداري واري واعدي کي ڏسڻ گھرجي،ظاھر آھي تھ  اھو جيڪو بھ ڪجھھ چيو پيو وڃي ان ۾ وقت لڳندو پر جيڪڏھن نيڪ نيتي سان ان تي عمل ڪيو ويو تھ ملڪ ۾ وري جمھوريت ۽ سويلين اقتدار جو ٻوٽو وڌي وڻ ٿي سگھي ٿو جنھن سان دنيا توڻي ڏيھھ ۾ مثبت تاثر بھ جڙندو ۽ ملڪ اڳتي وڌي سگھندو ۽ ھڪ سياسي تسلسل ۽ لڳاتار ھلندڙ جمھوريت ئي سمورين خامين کي وقت سان گڏ ختم ڪري سگھي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.