تنوير عباسي جو فن ۽ شخصيت

تنوير عباسي سنڌي ادب جي هڪ گهڻ – پاسائين شخصيت هو، جنهن کي سنڌي شاعري جو وهائو تارو ۽ سنڌي ٻولي جو وليم ورڊس ورٿ به چيو ويندو آھي۔ ان پنهنجي حياتي ۾ سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لڳ ڀڳ ويھارو کن ڪارائتا ڪتاب ارپيا۔ جن ۾ شعري مجموعن ۾ 1958ع ۾ پهريون ”رڳون ٿيون رباب“ ،ان کان پوءِ 1970ع ”شعر“ ، 1977ع ۾ ”سج تري هيٺان“ ، 1950ع ۾ ”هيءَ ڌرتي“ شامل آھن۔ جن جو ڪُليات يعني گڏيل ڪتاب ”تنوير چئي“ جي نالي سان پڻ شايع ٿيو، جنهن ۾ رڳون ٿيون رباب کان اڳ واري شاعري ڏنل آھي. جڏهن ۾ 1997ع ۾ پويون شعري مجموعو ”ساجن سونهن سُرت“ شايع ٿيو.

هو بنيادي طور تي شاعر هو پر هن جي ادبي تحقيق به ايتري ئي سگهاري آهي. خاص طورتي سندس سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر ”شاه لطيف جي شاعري جو اڀياس“ هڪ بي مثال ڪارنامو آھي. شاهه لطيف جي شاعري جلدپهريون 1976ع ۽ ٻيوجلد 1985ع ۾ ڇپيو، بعد ۾ 1989ع ۾ اهي ٻئي ڪتاب هڪ مضمون جي واڌاري سان گڏائي هڪ ڪتاب جي صورت ڇپايو ويو .

تنوير عباسي ادبي تحقيق جي کيتر ۾ پڻ پاڻ ملهايو۔ سنڌ جي اساسي ۽ صوفي شاعرن سچل سرمست ، خوش خير محمد ، نانڪ يوسف ۽ ٻين جي ڪلام جو اڀياس ڪتابي صورت ۾ پڌرو ڪيو. جن ۾ ”سنڌ جا عظيم صوفي بزرگ“ 1981ع ، ”نانڪ يودف جو ڪلام“ 1982ع ، ”خير محمد هيسباڻي جو ڪلام“ 1983ع ۾ شايع ٿيا. جڏهن ته 1989ع ”سچل سرمست“ انگريزي ۾ ترتيب ڏنو۔ اهڙي طرح هن سفر ناما پڻ لکيا جيڪي تفريح کانسواءِ بيحد معلوماتي آھن۔ جن ۾ ”ڏوري ڏوري ڏيھه“ يورپ جو سفرنامو ۽ ”مون کي اڳتي وڃڻو آھي“ سندس وفات کان پوءِ 2001ع ۾ شايع ٿيو،جنهن ۾ يورپ ، آمريڪا ۽ دبئي جا احوال ڏنل آھن. تنوير عباسي علمي ادبي موضوعن تي ڪيترا ليڪچر يا تقريرون وڏي اهميت جوڳيون آھن،جيڪي پڻ ”سپني کان سهڻي ساڀيا“ جي نالي سان 2002ع شايع ٿيل آھي. هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ ۽ تبصرا پڻ لکيا ۽ ان کان سواءِ سندس ڪيترائي انٽرويوز ادبي اهميت رکن. جن ترتيب ڏئي شايع ڪرڻ گهرجي. ادبي تحقيق ۾ 1981ع ۾ ”جديد سنڌي شاعري“ پڻ مڃتا ماڻي.
تنوير عباسي ڪيترن ڪتابن جي ترتيب ۽ سهيڙ جو ڪم پڻ ذڪر لائق آھي. جن ۾ ريسرچ جرنل ”سرمست“ جا 9 شمارا 1980ع کان 1989ع تائين شايع ٿيا ۔ ان کان سواءِ 1975ع ۾ ”ٻاراڻا ٻول“ به ڇپيو ويو۔ تنوير عباسي جي ادبي مضمونن ۽ خاڪن جا ڪتاب به شايع ٿيل آھن. جن ۾ ”تروا“ 1988ع ۽ ”منهن تنين مشعل“ 1990ع شامل آھن.

تنوير عباسي گهڻو وقت ڪتابن جي مطالعي ۾ گذاريندو هيو. سندس ذاتي لائبريري ۾ سنڌي، انگريزي، اردو، فرينچ ۽ فارسي ٻولين جا اهم ۽ بنيادي ڪتاب دس مطالعي هيٺ رهيا ۔ جنهن سبب کيس هڪ گهڻ- پڙهيو ليکڪ چيو ويندو آھي۔ اها لائبريري شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سندس نالي قائم ڪيل ”تنوير عباسي چيئر “ ۾ موجود آھي، جيڪا سندس وفات کان پوءِ وارثن پاران کين ڏني وئي هئي. تنويرعباسي سنڌي ادب جي ناليواري شخصيتن ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ جديد سنڌي شاعري جي بنياد رکندڙن ۾ سندس اهم ڪردار آھي.

تنويرعباسي جو جنم ۾ 7 سيپٽمبر 1934ع تي اڳوڻي خيرپور ۾ هاڻوڪي تعلقي ۽ شهر سوڀو ديرو ۾ ٿيو۔ سندس ڇٺي جو نالو نور النبي هو. ادب ۾ اچڻ کان پوءِ هن پنهنجو تخلص ”مغموم“ رکيو پر اڳتي هلي اهو مٽائي” تنوير“ جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرايائين.

ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ خوش اخلاق ۽ خوش مزاج شخصيت هو. هو هڪ ايماندار ۽ بااصول انسان هو. انسانيت جي خدمت ۽ سنڌ جي سياسي سجاڳي ۾ متحرڪ رهيو. ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ سنڌي ٻولي جي بچاءَ ۽ سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ اڳتي رهيو. جديد سنڌ جي فڪري تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجون آدرشي ڪاوشون ورتيون. نون تخيلقڪارن جي حوصلي افزائي ڪرڻ ۽ نون علمي ادارن جي قيام ۾ رهنما ڪردار ادا ڪيو۔ هو پاڻ ڪيترن ادارن جو ميمبر ۽ سربراهه رهيو. هو شخصيت ساز ۽ ادارا ساز شخصيت سمجهيو ويندو آھي.

سندس علمي ادبي ڪاوشن جي مڃتا ۾ کيس ڪيترن ئي اعزازن ۽ ايوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ تمغه حسن ڪارڪردگي ۽ تمغه اتياز ، ڀارت ۾ ساهتيه اڪيڊمي جو نارائڻ شام ايوارڊ ذڪر جوڳا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.