گُل حَسن ڪَلمتي جي ڪِتابَ ” عِشقَ جُون ڳليون “ جو مختصر جائزو

تحرير: امين جويو

سائين گُل حَسن ڪَلمتي جو هي ڪتاب ” عِشق جون ڳليون “ ڄاڻ جو هڪ گُلدستو آهي! . سال 2010ع ڌاري نئون نياپو پبليڪيشن ، ڪراچي پاران ڇپرايل هن ڪِتابَ ۾ چند سفرناما ، تحقيقي رپورٽون ، ليکڪَ جا تجزيا ، زندگي جي فلسفي بابت ڪُجهه ڳالهيون ، ٻه ٽي تاثراتي مضمون ۽ ڪُجهه ادبي ۽ سَماجي شخصيتن جا خاڪا شامل آهن . ڪتابَ جا ٻه ڇاپا اچي چُڪا آهن! ، ۽ اهو هن ڪِتابَ جي ڪامياب هجڻ جو پڪو ثبوت آهي ! هِن ڪتابَ جو ٻيو ڇاپو سال 2017ع ۾ آيو ، ۽ هن ڇاپي ۾ سائين گُل حسن ڪَلمتي جي پهرئين ڪتابَ ” هِڪ رُٺل شهر جي ڪهاڻي“ جا ٻهَ عدد سفرناما پڻ شامل ڪيا ويا آهن؛ اُنهن مان هڪڙو ”شانتيءَ کان شاهه نوراني تائين “ ۽ ٻيو          ”ڪراچيءَ کان ڪوهالا تائين“ جي عُنوان سان ڇپيل آهي .

هن ڪِتابَ جو مهاڳ اعجاز منگي صاحب لکيو آهي ، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته؛ ” گُل حسن ڪَلمتي هڪ وڃائجي ويل ديس جو مسافر آهي! هي ڪِتابُ پڙهندي مون کي محسوس ٿيو ته هو بُنيادي طور تي هڪ ريسرچ جرنلسٽ آهي ، ڪِتابَ جون پهريون چار لکڻيون ”جهوڪ سرائيڪي ڏانهن سفر“ ، ”پيران ؛ مهرڪ جي نگري“ ، ” گاجي گنج بخش ؛ لکين دا ڏاتار“ ۽ ” آري پير جو سفر“ هن جا سفرناما آهن ، پر اهي سفرناما اڇاتري اک جي رپورٽ ناهن! گهڻو ڪري سفرناما ادبَ جي آسان صنف سمجهي ويندي آهي ۽ اها هوندي به آهي. ڇو ته انهن روايتي سفرنامن ۾ ليکڪ گهڻو ڪري اهو بيان ڪندو آهي ته ؛ ” ڪٿي ڇا ڏٺم ؟ ، ڪنهن سان مليس؟ ۽ ڪنهن ڇا چيو ؟ “ پرگُل حسن جا سفرناما ڇا ڏِٺم ۽ ڇا ٻُڌم؟ وارن آسان سوالن جا جوابَ ناهن. هن جو هر سفرنامو ماضي ۽ حال جي وِچَ ۾ لُڏندڙ اهو پينڊوليم آهي ، جيڪو موضوع کي مُتوازن بڻائيندي ، اهو به بيان ٿو ڪري ته گُذرندڙ وقتَ ، ان ماڳ يا مڪان سان ڪهڙو سُلوڪ ڪيو آهي؟ ۽ نه صرف ايترو پر هو پنهنجي پاران ان سلوڪ جا سبب به بيان ڪري ٿو. ان ڪري سندس اهي سفرناما به ”رولاڪيءَ جون اُهي رپورٽون“  آهن ، جن کان اڳ ۽ پوءِ هُن ڪتابن جي عرق ريزي ڪئي آهي . جيسيتائين تحقيق جو تعلق آهي ته تحقيق کي ٻِن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو . هڪڙي آهي ” تحقيق براءِ تحقيق“ ۽ ٻي آهي ” تحقيق براءِ تعمير“ ! سنڌ ۾ ” تحقيق براءِ تحقيق“ جو رُجحان پُراڻو ۽ پُختو آهي. اها اجائي تحقيق عام آهي ، جيڪا بيڪار پي ايڇ ڊيون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي وڃي ٿي . ان تحقيق جو عام ماڻهن جي مسئلن سان ڪو به تعلق ڪونهي. اها هڪ بي تعلق يا ڪمٽمينٽ کان عاري تحقيق آهي!. اهڙي تحقيق اوهان کي گُل حسن ڪَلمتي جي لکڻين ۾ نه ملندي ، هن جو هر موضوع سنڌ جي سُورن سان سلهاڙيل آهي. هن جي لِکڻين کي جڏهن سنڌ پنهنجي سيني ۾ سَمايو ته اُها اعتماد سان ڳالهائي سگهندي ۽ اُن جي لهجي ۾ صرف ڪاوڙ نه هوندي پر اُن ۾ با عِلم دليلن جو پهلو نمايان هوندو.“

هن ڪتابَ جو ليکڪ سائين گُل حسن ڪَلمتي ، پنهنجي پاران واري حصي ۾ صُفحي نمبر اوڻويهين تي لکي ٿو ته ؛ ” ڪِتابَ جي هر صفحي تي اوهان کي سنڌ سان عِشق جو تصور نظر ايندو ، شايد عِشق ۽ مُحبت جي محرومين مون کي لِکڻ تي مجبور ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. جڏهن سنڌ جي واهڻن ، وَستين ، ندين ، ڍورن ، جبلن ، ٿر جي واري ۽ قديم آثارن کي ڏسان ٿو ته اهو عِشق انتها تي پهچي ٿو ، جنهن کي پنن تي اُتاريندو آهيان“

هن ڪِتابَ جو پهريون سفرنامو ” جهوڪ سرائيڪي ڏانهن سفر“ جي عُنوان سان آهي . هن سفر ۾ ليکڪَ سان گڏ سندس پُراڻي همسفر زُبيدا بِرواڻي به هُئي ، جنهن سان اڳ ۾ به ڪيترائي ماڳ گهمي چُڪو هو . هي سفر هنن ريل گاڏيءَ ذريعي ڪيو. جيئن ئي ريل هلڻ شروع ٿئي ٿي ، تيئن ليکڪَ جي شعور واري اک به سُجاڳ ٿي پوي ٿي ۽ هو رستي ۾ ايندڙ ريلوي اسٽيشنن ، سنڌ ۾ ريلوي جي تواريخ ۽ لينس ڊائون پُل جي ٺهڻ جي ڪهاڻي ٻُڌائيندي ، نيٺ وڃي مُلتان ريلوي اسٽيشن تي لهي ٿو. اتي اسٽيشن تي ئي مصطفيٰ بلوچ ۽ سندس ڊرائيور ، ليکڪ ۽ زُبيدا بِرواڻي جو مُنتظر هوندو آهي.

سڀ کان پهريان هو تونسه بيراج وڃن ٿا ۽ ليکڪ پنهنجي عادت موجب تونسه بيراج بابت ذري پُرزي جو احوال پڙهندڙن سان اوري ٿو پوءِ هو رات جو هڪ ريسٽ هائوس ۾ ٿانيڪا ٿين ٿا ۽ صبح جو وري وڌيڪ کوجنا لاءِ سفر شروع ڪن ٿا . هتي ليکڪ مظفر ڳڙهه ڪينال ، ڊيرا اسماعيل خان بيراج ، چشمه بيراج ۽ ڪُجهه ٻين بيراجن جي ڳالهه ڪري ٿو ، جنهن سان مُستقبل ۾ سنڌو نديءَ جو گهڻو تڻو پاڻي انهن ڪينالن ، بيراجن ۽ ڊيمن جي نظر ٿي ويندو ۽ سنڌ جي پُڇڙيءَ وارن علائقن جي آبادگارن ۽ ڊيلٽا تائين پاڻي پُڄندو ئي ڪو نه ! ان کان پوءِ هو گريٽرٿل ڪينال بابت رپورٽ پيش ڪري ٿو ۽ ان سان گڏ سرائيڪي بيلٽ وارن کي پيش خطرن ۽ خدشن کي به بيان ڪري ٿو . ليکڪ هن ڪتابَ جي صفحي نمبر پنجيتاليهن ۽ ڇائيتاليهن تي لکي ٿو ته ؛ ” سرائيڪين جو چوڻ آهي ته ؛ بهاول پور ، مُظفرڳڙهه ۽ مُلتان وانگر هتي به شيخوپوره ، فيصل آباد ، جهلم ، گُجرات ۽ ٻين عِلائقن مان وڏي انگ ۾ پنجابي ڳالهائڻ وارن آبادگارن کي گُهرائي ، سِرائيڪين جا قديم ڳوٺ ۽ زمينون انهن جي حوالي ڪيون ويون آهن ۽ انهن کي ٿل ڪئنال مان زراعت لاءِ پاڻي ڏنو ويندو ، جنهن ڪري سِرائيڪي تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا ! “  1991ع واري معاهدي موجب ، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ايم اي ايف پاڻي ڏيڻ گهرجي پر عملي طور تي ٻه ايم اي ايف پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي ! بدين ، ٺٽي ۽ سُجاول واري سامونڊي پٽيءَ جون زمينون اڳ ۾ ئي بنجر بڻجي چُڪيون آهن ۽ سنڌ ۾ جَرُ ، تيزيءَ سان کارو ٿي رهيو آهي ، اُن سان اهو ٿيندو جو زراعت لائق زمينون به ايندڙ ڪُجهه سالن ۾ ڪلراٺيون ٿي وينديون ۽ سنڌ ۾ هينئر ٿيندڙ فصلن توڙي ڀاڄين جي پيداوار کي وڏو ڪاپاري ڌڪُ لڳندو! اهو به عين ممڪن آهي ته سنڌ ۾ ، ايندڙ ڪُجهه سالن کان پوءِ اناج ، ڀاڄيون ۽ ميوات به پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه منجهان گهُرائڻيون پون!

جهوڪ سِرائيڪي جو عِلائقو گهمڻ کان پوءِ ليکڪ ۽ زُبيدا بِرواڻي مُلتان ، بهاول پور ، روهي وارو قلعو ، دراوڙ قلعو ۽ چولستان وارو عِلائقو گهُمي ڦري ڏٺو ، اتي جي مقامي ماڻهن ليکڪ کي ٻُڌايو ته؛  ” هن سموري عِلائقي ۾ هاڻي ريٽائرڊ فوجين کي زمينون الاٽ ڪيون ويون آهن ۽ هتان جا اڪثر اصلوڪا سرائڪي رهاڪو ٻين هنڌن ڏانهن هجرت ڪري وڃي چُڪا آهن! “

هن ڪِتابَ جو ٻيو سفرنامو ”پيردان؛ مهرڪ جي نگري“ آهي ،  جيڪو بلڪل مختصر آهي ۽ رُڳو نون صُفحن تي مشتمل آهي. اهو عِلائقو ايران ويندي سَرباز ، بلوچستان واري پاسي آهي. هن مختصر سفرنامي ۾ ليکڪَ هڪ بلوچي عشقيه داستان ”عزت الله ۽ مهرڪ“ بابت پڻ لکيو آهي. اُن سان گڏ هن عِلائقي جي ريتن رسمن ۽ ماڻهن بابت پڻ چڱيرڙي معلومات ونڊي اٿس.

ٽيون سفرنامو ” گاجي گنج بخش ، لَکين دا ڏاتار“ جي عُنوان سان آهي ، جنهن ۾ ليکڪ ڪاڇي ۾ موجود گاجي شاهه کوسي جي ميلي تي گهمڻ وڃي ٿو ۽ اُتي موجود ميلي جي ڪلچر ، ماڻهن جي عَقيدي پَرستي ، ڪلهوڙن جي دور جي تواريخ ، ميان وال تحريڪ جي تواريخ ۽ جوهي جي روڊن رستن جي ڳالهه ڪري ٿو. هن سموري سفر ۾ ليکڪ جو ساٿي وفا برهماڻي آهي ، جيڪو سندس سونهون به آهي . هو سمورو ڏينهن گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ رات جو جوهيءَ ۾ وِليج شاد آباد جي دفتر ۾ رهي پوي ٿو.

چوٿون سفرنامو ڪوهستان ۾ موجود ” آري پِيرَ“ جي سفر ۽ آستان بابت آهي ، جيڪو ليکڪ پنهنجن چوڏهن ساٿين سان گڏ ڪري ٿو ، جنهن ۾ هو ڪراچي کان آري پير تائين پهچڻ جا سمورا گسَ ۽ ڏسَ وڏي تفصيل سان بيان ڪري ٿو. هتي پاڻي پوڄا ۽ واڳون پوڄا جي ڳالهه پڻ بيان ڪيل آهي ۽ هتي آري پِير جي اتڙي تي چورن ۽ قاتلن کان پاڻيءَ ۾ساکَ وٺڻ واري رواجَ جي ڳالهه پڻ مشهور آهي.

هن ڪِتابَ جو ٻيو حصو تحقيقي رپورٽن تي ٻڌل آهي ، جنهن ۾ چوٽياريون ريزروائر ، منڇر ڍنڍ ، ڪراچيءَ جون رهائشي اسڪيمون ۽ سَواليه نشان بڻيل اصلوڪا ماڻهو ، شهري حُڪومت ؛ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش ، سنڌي قومي تحريڪ جو الميو ۽ بلوچ پارليامينٽ کان پهاڙن تائين جا مضمون شامل آهن . اهي سڀئي تحقيقي رپورٽون هن ڪِتاب جو روح آهن ۽ هر هڪَ مضمون تي الڳ الڳ تبصرو يا تجزيو ۽ ڪري سگهجي ٿو.

اُن کان پوءِ ليکڪ ” زندگي ۽ فلسفي جهڙي اهم موضوع هيٺ حُسين بن منصور حلاج ۽ بابا سريچند جي فڪر فلسفي ، سندن زندگي ۽ ڪمن تي ٻه عدد تفصيلي مضمون لکيا آهن ، جيڪي هن ڪِتاب ۾ موجود ٻئي مَوادَ کان بلڪل الڳ ٿلڳ لڳن ٿا ، پر بهرحال اهي مضمون به پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت وارا آهن . اُن کان پوءِ ليکڪ ٻه عدد ” ادبي ٽڪرا “ يا تاثر لکيا آهن ، انهن منجهان هڪڙي جو عُنوان ” گڏاپَ جون بَسون ۽ ايڪويهين صدي“ آهي ۽ ٻيو ادبي ٽُڪرو يا تاثر ”مون نئين صديءَ جي پهرئين ڏينهن کي ڪيئن ڏٺو“ جي عُنوان سان آهي. اهي ٻئي مضمون بلڪل مختصر آهن پر هنن ۾ ليکڪَ پنهنجي حساس هجڻ ۽ پنهنجي اوسي پاسي جي مُڪمل ڄاڻ هجڻ جو اظهار ڀرپور نموني سان ڪيو آهي.

هن ڪِتابَ جا آخري ٽي مضمون به تاثراتي مضمون آهن ، جيڪي هُن پنهنجن ٽن دوستن جي وِڇوڙي تي لِکيا آهن ۽ انهن جا ترتيبوار عُنوان هن ريت آهن 1. شهيد عبدالله مُراد  2. فقير محمد لاشاري جي لاڏاڻي تي هڪ تاثر ۽ 3. ڊاڪٽر دُر محمد بلوچ جي لاڏاڻي تي تاثر ”سي لاهوتي لڏي ويا “. ٻهَ سئو اَسي صفحن تي مُشتمل هي ڪِتابُ هڪ مڪمل دستاويز آهي ، جنهن جو پَنو پَنو هڪ پڙلاءُ آهي. جيڪو به ماڻهو هن ڪِتابَ ۾ ذڪر ڪيل عِلائقن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ، اهو هي ڪِتابُ لازمي طور تي پڙهي ، آئون پوري يقين سان چَوان ٿو ته کيس گهر ويٺي انهن عِلائقن جي تواريخ ، جاگرافي ، رهڻي ڪهڻي ۽ اُتان جي لوڪ ڪٿائن جي ڄاڻ انگن اکرن سَميت ملي ويندي!.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.