منهنجو ڳوٺ حاجي مير محمد ٻانڀڻ- جتان منهنجي جسم لاءِ مٽي کنئي وئي آهي

تحرير: نثار ٻانڀڻ

اسان ڪٿي به هجون ڪنهن به شهر ۽ هنڌ تي رهندڙ هجون پر پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي نالي سان ضرور ڪرائڻ چاهيندا آهيون ڇو ته ان ئي ڳوٺ جون هزارين يادگيريون اسانجي روح تائين پاڙ هنيل هونديون آهن، اها حقيقت آهي ته روح جي لاءِ جتان مٽي کڻي جسم جوڙيو ويندو آهي اهو اوهانجو اباڻو ڳوٺ هوندو آهي سو منهنجو اباڻو ڳوٺ خيرپور ضلعي جي تعلقي ميرواه جي يونين ڪائونسل ڏيپارجا ۾ آهي، جيڪو منهنجي ڏاڏي مرحوم حاجي ميرمحمد ٻانڀڻ جي نالي سان سرڪار جي رڪارڊ ۾ لکيل ۽ ليڪيل آهي، جڏهن ته ڳوٺ جي چئني طرفن کان 20 کان 30 ڪلوميٽرن ۾ رهندڙ آباديون، راڄ ۽ برادريون اسانجي ڳوٺ ۽ اسانجي خاندان جي سڃاڻ ۽ مانَ کان مڪمل واقفيت رکندڙ آهن.
اسانجي ڳوٺ ۾ 1970ع کانپوءِ ڪنهن به حڪومت يا حڪومتي نمائيندي ترقيءَ بهتريءَ ۽ سهولت جي لاءِ ڪا به حڪومتي اسڪيم ناهي ڏني ۽ نه ئي ڪا بنيادي سهولت ڏيڻ جي مهرباني ڪئي آهي، وڏي عرصي جي ڳالهه ٻولهه ۽ چوڻ کانپوءِ 2018 ۾ ان وقت جي ايم پي اي رئيس ساجد علي خان ٻانڀڻ جيڪو ضلعي سطح جو بااثر شخصيت ۽ هڪ خانداني مثبت سوچ رکندڙ آهي ۽ ڪيئي ڏهاڪن کان ايم پي اي ۽ ايم اين اي پڻ رهندو آيو آهي تنهن اسانجي وڏڙن کي واعدي مطابق اڍائي ڪلو ميٽر روڊ ڏيڻ جي مهرباني ڪئي هئي، جنهن جي ڪري سندس جا ٿورا ڳائيندا رهيا آهيون. تازين برساتن جي ڪري ۽ برساتي ٻوڏ جي پاڻيءَ ڳوٺ کي بلڪل ٻوڙي ڇڏيو آهي گذريل ساڍن ٽن مهينن کان ڳوٺ 5 کان 7 فٽ پاڻيءَ هيٺ آهي، سمورا گهر ڊهي پَٽَ پيا آهن، سمورا فصل تباه ٿي بلڪل ختم ٿي چڪا آهن، ايندڙ ڪيترن سالن تائين زرعي زمينن ۾ فصل ٿيڻ جي ڪا اميد نه پئي ڏسجي، جڏهن ته انهن برساتن کان پهريان ڳوٺ هونئين به سڀني بنيادي سهولتن کان محروم هيو هاڻي ته مورڳو ئي سڀ ختم ٿي ويو آهي، تڪ جا ايم پي اي ۽ ايم اين اي راڻيپور جا سيد سڳورا آهن، انهن تائين اسانجي ڪا به دانهن ۽ ڪوڪ ناهي پهچي سگهندي جيڪي هن وقت تائين پنهنجي يونين ڪائونسل جي ووٽرن جو حال پڇڻ ناهن آيا انهن کا ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، هميشه مرشدي ڏَنُ سمجهي هو سيد سڳورا اسانجي ڳوٺ مان ووٽ پنڻ ايندا آهن ۽ اسان روايتن سندن جون جهوليون ناهيون موٽائيندا ۽ راڄ ڀاڳ جا هزارين ووٽ کين خيرات ۾ ڏيندا رهيا آهيون موٽ ۾ اهو به نه چيو اٿائون ته دعا ڪجو. پر هاڻي جڏهن ڳوٺ مڪمل تباه حال آهي، گهر، زرعي زمينون ختم ٿي چڪيون آهن، حڪومت پاران ڪا به پرگهور ناهي لڌي وئي، نه ئي وري انگ اکر گڏڪري رڪارڊ تي رکيا ويا آهن اهڙي صورتحال ڏسڻ کانپوءِ پنهنجي تڪَ جي اُنهن سڳورن ۽ انهن جي ڇاڙتن کي اسان جي ڳوٺ مان ووٽ وٺڻ جي اميد رهندي!؟ هاڻي ڳالهه ڪبي دل کولي هاڻي اهڙن معتبرن کان سڌو سوال ڪبو ته ان وقت ڪٿي هيا جڏهن ڳوٺ جا ماڻهو ٻوڌ ۾ لڙهي رهيا هيا، جڏهن فصل تباه ٿيا ۽ سالن تائين انهن جي وري ٿيڻ جو ڪو آسرو ناهي بچيو تڏهن اوهان جي ڪرامت ڪٿي هئي…اهو نياپو مونکي ڳوٺ جي هر فرد هڪ هڪ ڪري ڏنو آهي! منهنجي ڳوٺ وارا هاڻي اهي جملا ورجائين پيا ته ته ڀلي معتبر نمائيندا اسانکي خوشيون نه به ڏين پر ايترا درد به ته نه ڏين جيڪي اسانکي سندن جي رهيل سهيل عزت مٿان ڍينگهر ڦيرڻو پوي! مان جڏهن به ڳوٺ ويو آهيان تڏهن رات جي پاڇن ۾ منهنجي مَنَ جي ڳيرن کي آکيرا ڳولهيندي محسوس ڪندو آهيان ڇو ته مان ڪراچي ۾ رهندي به پنهنجي ڳوٺ جي شڪاري مسئلن کي ختم ناهيان ڪري سگهيو.
ان حوالي سان سنڌ جي سٺي فهم رکندڙ ۽ سمجهو دوستن کي عرض آهي ته منهنجي مٿين لفظن جنهن ۾ احتجاج نوٽ ٿيل آهي تي پنهنجي حمايت جو نوٽ ضرور لکو. سڀني دوستن کي گذارش آهي ته اسانجي ڳوٺ جي لاءِ خاص ڪري ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪاليءَ لاءِ روڊ رستي جي بحاليءَ لاءِ ۽ ٻين بنيادي سهولتن بابت منهنجي لفظن تي پنهنجا رايا ڏئي ڳالهه کي ايترو وڌايو جو لاڳاپيل عملدارن جي اکين تائين اها دانهن پهچي سگهي، اها اُميد ڪريان پيو ته اسانجو ان ۾ ساٿ ڏيندا ته جيئن ڳوٺ مان ٻوڏ جو بيٺل 6 کان 7 فٽ پاڻي نيڪال ٿي سگهي.
منهنجي ڳوٺ جي مونکي ڏنل دانهن منهنجي سماعتن تائين پهچندي آهي ته ان جااکر هي هوندا آهن ته منهنجا نثار..! تولاءِ واجهائيندي منهنجي نهارن جا پير پٿون ٿيا آهن پر تون آهين ڪٿي، مون ته صبح کان شام تائين جي نيڻن ۾ توکي ڳولهيو آهي پ تون هتي ناهين، ڪٿي آهين تون!؟ مونکي منهنجو ڳوٺ ڪجهه اِن انداز ۾ ياد پيو ڪري! وڏڙا چوندا آهن ته وقت ۽ بخت ٻه جدا جدا ڪيفيتون آهن سو ڪِن جي حصي ۾ وقت اچي خيما کوڙيندو آهي ته وري ڪِن جي حصي ۾ بخت جون پينگهون پيون ٻڌبيون آهن جن وٽ وقت آهي اُهي بخت کان محروم رهجي ويندا آهن ۽ جن کي بخت ايندو آهي ته اهي وري وقت لاءِ پيا سڌون ڪندا آهن، ڪن وٽ وري وقت ۽ بخت ٻئي کرارن جيان ٿي ملندا آهن، اسان پارا ته ٻنهين شين کان پيا سڪن. رڳو منهنجي ڳوٺ جي نه پر پوري سنڌ جي ڳوٺن جي حالتن تي پنهنجا خيال اوريون اُنهن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪريون جيڪي اکين ۾ نمي آڻي ڇڏين ٿا. مون سموري سنڌ گهمي آهي. مونکي سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ هڪجهڙائي ملي آهي خاص ڪري نراسائي، بنيادي وسيلن جي اڻاٺ سنڌ جي ڳوٺن جي قسمت بڻجي وئي آهي. سنڌ واسين جي ڳوٺن جو ڇا حال آهي ۽ اُنهن جي اندرين ۽ ٻاهرين ڏيک جون ڪهڙيون ڪهاڻيون اورجن؟ ڇا انهن ڳوٺن ۾ زندگي شاه عبداللطيف ڀٽائي جي سُرن جيئان آهي يا ڪنهن رڻ ۾ اَڻ ٻڌي ڪوڪ جيئان بڻيل آهي!! انهن ڳوٺن ۾ خميسي خان جي الغوزي جا سُر سنگيت سمايل آهن، يا ڪربلا جهڙي قهر جون سوڳواريون سسڪي رهيون آهن، زندگي سُرن جي جهولن ۾ جهومي رهي آهي يا انهن ڳوٺن ۾ زندگي ڪنهن سرد لاشي جيئان پَٽَ تي پيل آهي جيڪا سالن کان ڪنهن سرد خاني جا منتظر ڏسيندي رهي آهي. سنڌ جي مالڪي جو حق جتائيندڙن سنڌ جي انهن ڳوٺن جو خيال ڪيئن رکيو آهي، ڪهڙي سار سنڀال ڪئي آهي اُن تي پاڻ ڇا ڳالهائيون!؟ انهن ڳوٺن جي اهڙي حالت ڏسي اکين ۾ ويراني واسو ڪري وڃي ٿي ۽ دل ۾ مَڻَ مٽي جا پئجي ٿا وڃن.
اڄ توهانکي مان پنهنجي ڳوٺ جو حال احوال ڏيڻ ۽ وٺڻ جا جتن ڪيان ٿو منهنجو ڳوٺ جنهن کي ڏسندي ئي توهانکي مهان ڪوي رابندر ناٿ ٽئگور جون اهي سٽون ياد اچي وينديون ته: اجهو مان اچي پهتو آهيان توکي پنهنجو گيت ٻڌائڻ لاءِ تنهن هن صحبت ۾ مون کي به هڪڙي ڪنڊ ۾ جڳهه ملي آهي، تنهنجي هن سنسار ۾ مونکي ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم ڪار ڪونهي منهنجي بيڪار زندگيءَ منجهان رڳو بي مقصد سُر آلاپ ئي ڦٽي نڪري سگهن ٿا. جڏهن آڌي رات جي اونداهي مندر ۾، تنهنجي خاموش پوڄا جي گهڙي اچي، ته منهنجا مالڪ مون کي حڪم ڪج! ته تنهنجي سامهون گيت ڳائڻ لاءِ اٿي بيهان، جڏهن صبح جي هير ۾ سونهري سرندو وڄي ته مونکي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏئي منهنجو مان وڌائج. منهنجي ڳوٺ جي هن 21 صدي ۾ جيڪا حالت آهي تنهن کي ڏسي اوهانکي حليم باغي جون سٽون اکين ۾ نميءَ وانگر لهي ايندي محسوس ٿينديون ته هي رستا ڳوٺ اُجاڙ ڏسي، منهنجو ته جگر ئي ڪٽجي ويو!
آئون نج ٻهراڙي جو ماڻهو آهيان، ادب ۽ آرٽ جي اصولن ۽ سانچن کان وڌيڪ مون ميداني ويڙهن واهڻن لنگهن ۽ لوڙهن ۾ پڪن پيرن، جوئر جي سنگ نسرڻ، سر نسرڻ، سرنهن جي ڦولار ۽ ٻين مرني گلن سان گڏ ڪلَرَ جي ڪاراڻ کي ڏٺو آهي، لوڪ گيتن جي ڌنن ۽ ٻاٻيهي جي ٻولن کي ٻڌو آهي، کانڀاڻي ۾ ڳوڙهو وجهي جهرڪن ۽ ھيرن ۽ هيڙن کي تڙيو آهي پيهي تي ويهي، عمر جو ڪجهه حصو پنهنجن وڏڙن سان گڏجي ڏکن ۽ ڏوجهرن ۾ زندگيءَ کي ڳولهيندي گذاريو آهي، سڪارن ۾ جهنگ جي ولين سان ويڙهجي واس ورتو آهي. هاڻ شهري زندگيءَ جي طاق تي رکيل پراڻي ڏيئي جيان بڻيو آهيان هاڻي منهنجو ڳوٺ مون کي ساري ٿو مونکي سڏي ٿو پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.