25 نومبر: عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن

تحرير: نصرت سڪندر

نارين تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي جو اڄ عالمي ڏينهن آهي. هر سال 25 نومبر تي سڄيءَ دنيا ۾ ’عورتن تي ٿيندڙ ڏاڍ جي خاتمي جو عالمي ڏينهن‘ ملهايو ويندو آهي. هن ڏينهن کي 1981ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ طرفان  عالمي ڏينهن جو درجو ڏنو ويو. ان ڏس ۾ خاص طور 25 نومبر جي تاريخ کي ”ميرابل ڀينرن“ کي مڃتا ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو. هي ٽي ڀينر جمهوريه ڊومينيڪن جُون ٽي مزاحمتي سياسي ڪارڪن ناريون هيون، جن کي 1960ع ۾ پنهنجي ملڪ جي حڪمران، ’رافيل ٽرجيلو‘ (1930ع – 1961ع) جي حڪم سان، سندس خلاف مزاحمت جي ڏوهه ۾ بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو هو.

دنيا ۾ جتي به ڏسو، خاص ڪري ڏتڙيل ملڪن جي اخبارن جُون سرخيُون عورت تي ٿيندڙ جسماني توڙي جنسي تشدّد جي خبرن سان ڀريون پيون آهن. عورتن يا ٻارن تي ٿيندڙ تشدد جا واقعا هن ڌرتيءَ تي عورت توڙي ٻار جي وجود کان وٺي جاري آهن، جيڪا انساني حقن جي سنئين سڌي ۽ سنگين ڀڃڪڙي آهي. ان ڏس ۾ اڻ ڳڻيا واقعا ته رپورٽ ٿيڻ کان ئي رهجي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ ته متاثر فرد يا ڪٽنب پنهنجي بدناميءَ کان بچڻ لاءِ اهڙن واقعن خلاف پوليس وٽ دانهڻ کان لنوائن ٿا. ان ڏس ۾ ڪجهه وري اهڙا واقعا به رونما ٿين ٿا، جن جي متاثره فردن کي اها جاڳرتا ئي ڪانهي، ته اهي واقعا تشد د جي ذمري ۾ اچن به ٿا! يا نه! مثال طور: گھرُو تشدد ۾ جسم تي ظاهر ٿيندڙ علامتن کانسواءِ اڪيچار نارين جي ذهن ۽ روح تي ٿيندڙ نفسياتي تشدد ڪندڙن ۾ ظاهري طور کين تحفظ ڏيڻ جا ذميوار رشتا شامل هوندا آهن، مثلاً: مڙس، ڀاءُ، ڏير ۽ سهرو وغيره. ان جو ادراڪ تشدد سهڻ واري کي ڏيڻ جي ضرورت آهي. پيءُ پاران ڌيءَ کي تشدد ڪرڻ کان وٺي قتل ڪرڻ جا واقعا رڳو سنڌ ۾ ئي نه، بلڪه دنيا جي هر خطي ۾  ڏٺا ۽ ٻُڌا ويا آهن. ناريءَ کي ڌمڪين ڏيڻ کان وٺي جبر، غيرت جي نالي تي قتل جو سلسلو سڄيءَ دنيا ۾ لڳاتار جاري آهي.

هن سال جي تازن انگن اکرن موجب ڏکڻ افريڪا کي عورتن لاءِ غير محفوظ ترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جنهنکي ”ايف“ اسٽيٽس ڏنو ويو آهي، جيڪو ان رينڪنگ ۾ خطرناڪ ترين سمجھيو ويندو آهي. جتان جون 75 سيڪڙو عورتون گھر کان اڪيلي نڪرڻ ۽ سفر ڪرڻ جي صورت ۾ محفوظ تصوّر نٿيون ڪيون وڃن. ڏکڻ افريڪا عورتن تي جنسي ڏاڍ جي حوالي سان به سرِ فهرست آهي. نارين لاءِ غير محفوظ ترين ملڪن جي فهرست ۾ برازيل ٻئي نمبر تي آهي. جڏهن ته ان جي ابتڙ اسپين دنيا جو عورتن لاءِ محفوظ ترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. هن لسٽ ۾ سينگاپور ــ ٻئي، آئرلينڊ ــ ٽئين، آسٽريا ــ چوٿين، سئٽزرلينڊ ــ پنجين ۽ ناروي، پرتگال، ڪروئيشيا، ڪينيڊا ۽ پولينڊ ترتيبوار ڇهين، ستين، اٺين، نائين ۽ ڏهين نمبر تي نارين لاءِ محفُوظ ترين ملڪ آهن. صحت جي عالمي اداري جي رپورٽ موجب دنيا جي جسماني يا جنسي ڏاڍ جو شڪار بڻيل هر 3 منجھان هڪ ناري پنهنجي جان وڃائي ويهي ٿي. ان مان مٿس ٿيندڙ تشدّد جي سنگينيءَ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. سڌريل ملڪن  ۾ عورتون اهم قائداڻن عهدن تي ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ڏتڙيل ملڪن ۾ ايڪويهين صديءَ ۾ به اڄ جي ناري، خوفناڪ حالتن ۾ تشدد جو شڪار ٿي رهي آهي. ڏتڙيل ملڪَ، ڪورونا  کانپوءِ  اڳي ئي عالمي موسمي منفي تبديلين جي ڪري آيل تباهيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. اتي تشدّد جي هيءَ بيماري به عورت کي ذهني، معاشي، سماجي، طِبي توڙي طَبعي طور مسلسل ابتريءَ جو شڪاري ڪري رهي آهي. عورت کي برابريءَ وارو درجي ملڻ لاءِ تعليم هڪ اهم هٿيار آهي. جنهنجو هر عام ۽ خاص تائين پهچڻ وقت جي اڻٽر ضرورت بڻجي چڪو آهي. پُر امن معاشرو عورت لاءِ هڪ اهم ميدان آھي، جنھن ۾  عورت پنهنجي صلاحيتن کي ڪتب آڻي پاڻ مڃائي سگھي ٿي ۽ عالمي سطح تي دنيا جي ترقيءَ ۾ پنهنجو حصو ڳنڍي سگھي ٿي.

جنس جي بنياد تي تشدد خلاف 2008ع کان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ”يُو اين ويمن“ (گڏيل قومن جي عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري) جي سربراهيءَ هيٺ، مهم جي صورت ۾ 16 ڏينهن جي هڪ سالياني سرگرميءَ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جيڪا هر سال وانگر اڄ (25 نومبر) کان شروع ٿي، 10 ڊ سمبر (”انساني حقن جي عالمي ڏينهن“) تائين جاري رهندي. هيءَ مهم 2030ع تائين هر سال ورجائي ويندي. جنهن جو مقصد عورتن ۽ ٻارڙين جي خلاف هر قسم جي ڏاڍ جي نندا ۽ ان کي روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ، ان ڏس ۾ درپيش چيلينجز تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ انهن جي حل لاءِ عالمي سطح تي ڪارروائيءَ جُون ڪوششون وٺڻ ۽ ان بابت عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي.

عورتن کي درپيش مجموعي آزارن جو ذڪر ڪبو ته ذڪر ڪيل تشدّد کان علاوه، ننڍيءَ عمر جي شاديءَ کان وٺي عورت دشمن تنظيمن جي نارين خلاف سرگرمين تائين عورت کي بيشمار مسئلا لاحق آهن. هي اهي تنظيمون آهن، جيڪي عورت کي سندس حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي تنقيد ڪنديون رهن ٿيون. عورت جيستائين مرد سان همقدم نه هوندي، تيستائين دنيا جي پائيدار ترقيءَ وارن مقصدن جو پورائو ناممڪن آهي. برابريءَ سان گڏوگڏ عالمي امن تيسين ممڪن ناهي، جيسين عورتن جي تحفظ لاءِ ڪي قانوني اپاءَ نه ورتا وڃن ۽ ان ڏس ۾ ڀرپُور جاڳرتا پيدا نه ڪئي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.