ميهڙ ۽ آسپاس ٻوڏ جي پاڻي نيڪال نه ٿيو، متاثرن جو انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، باهيون

ميهڙ مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو آهي

يوسي قاضي عارف جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين نياز علي ٻرڙو، علي گل ڀٽي، شمس الدين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مينهن ۽ ٻوڏ ڳوٺ ڄام جوڳرو، قاضي عارف، ٿڦڻ، ولي محمد پنهور، صوبدار پنجابي سميت سوين ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ٻوڏ سبب فصل تباهه ٿي ويا، چوپايو مال لڙهي ويو پر حڪومت توڙي چونڊيل نمائندن ڪا به سار ناهي لڌي، سوين ڳوٺن ۾ ٻوڏ جو پاڻي هن وقت تائين بيٺل هجڻ سبب بيماريون ڦهلجي رهيون آهن پر صحت کاتو ڪي به اپاءَ نٿو وٺي

مظاهرين مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺن جي سروري به مڪمل ناهي ڪرائي وئي، اختياريون نوٽيس وٺي مسڪين ماروئڙن کي انصاف ڏيارين

جڏهن ته ڌرڻي سبب لاڙڪاڻي کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون، صوبائي وزير امتياز شيخ جَي پُٽ جِي گاڏي روڪڻ تي اي سي ۽ مختيارڪار مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.