2 هزار يا وڌيڪ ڊالر وٺڻ تي اڪائونٽ کولرائڻ لازمي قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 2,000 ڊالر يا ان کان وڌيڪ خريد ڪرڻ کان اڳ اڪائونٽ کولڻ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اها ڳالهه ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا اسلام آباد ۾ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌائي.

هڪ سينيئر بينڪر چيو ته مرڪزي بينڪ هڪ هڪ ڊالر کي روڪڻ جي ڪوشس ڪري رهيو آهي ان جي ٻاهر نڪرڻ کي ڏکيو بڻائي رهيو آهي، هو بينڪ جي آزاداڻي طور تي عالمي ڪريدٽ ڪارڊ جاري ڪري رهيا هئا ان تي به پابنديون لڳايون ويون آهن جڏهن ته ڪريدٽ ڪارڊز سان ڊالر جو نڪرڻ به تيز ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.