ايم ڊي ڪيٽ امتحان جي ٻيهر چيڪنگ لاءِ 5 ڏينهن مختص

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن(پي ايم  سي) ايم ڊي ڪيٽ امتحان جي ٻيهر جاچ لاءِ 5 ڏينهن مختص ڪيا آهن.

پي ايم سي جو چوڻ آهي ته ايم ڊي ڪيٽ امتحان 2022 جي ٻيهر جاچ 23 کان 27 نومبر تائين ٿيندي.

پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ جو امتحان منعقد ڪندڙ يونيورسٽيون 5 ڏينهن کليل رهنديون، شاگرد ٻيهر چيڪنگ لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.

پي ايم سي موجب امتحان جي نتيجي ۾ غلطي يا ڪوتاهي جي صورت ۾ درخواست ڏئي سگهجي ٿي، شاگردن کي اپيل آهي ته هو لاڳاپيل يونيورسٽيز سان رابطو ڪن.

واضح رهي ته ميڊيڪل يونيورسٽيز جن وٽ وڏي پيماني تي ٽيسٽنگ جو تجربو نه هيو ٽيسٽنگ اداري کان ٽيسٽ ڪرائڻ گهرن پيون پر پي ايم سي انهن ٽيسٽنگ ادارن کي روڪي پاڻ ٽيسٽ ڪرائڻ جو چيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.