آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ پهريون ڀيرو فلسطين معاملن بابت عهدو، خاص صلاحڪار مقرر

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي پرڏيهي کاتي هادي عمرو کي فلسطين جي معاملن لاءِ پنهنجو خاص نمائندو مقرر ڪيو آهي.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي انتظاميا فلسطين سان مضبوط لاڳاپا چاهي ٿي.

ترجمان چيو ته فلسطيني معاملن جي لاءِ نئين خاص نمائندي جو عهدو ٺاهيو ويو آهي ۽ اهي ذميواريون هادي عمرو سرانجام ڏيندو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهڙي قدم کي آمريڪا ۽ فلسطين جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي، انکان اڳ آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان فلسطين لاءِ ڪو به خاص نمائندو مقرر نه هو.

پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته واشنگٽن ۾ مقرر فلسطنين جي معاملن بابت خاص نمائندو فلسطيني شهرين ۽ ان جي قيادت سان ويجها رابطا ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.