بدتميزي واقعو: نورا فتيحي کي چماٽ لڳي وئي

ڪينيڊا ڄائي ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل نورا فتيحي تازو انڪشاف ڪيو آهي ته هن جي پهرين فلم دوران ساٿي اداڪار سان سيٽ تي وڏو جهيڙو ٿيو هو جو نوبت ڪٽڻ تي اچي پهتي.

تازو هڪ انٽرويو ۾ اداڪار آيوشمان، جيديپ اهلوواٽ ۽ نورا فتيحي فلم ”اين ايڪشن هيرو“ جي پروموشن لاءِ مهمان بڻجي آيا.

نورا فتيحي فلم ۾ آئٽم سانگ ”جيڙا نشا“ ڪيو جنهن سبب فلم جي پروموشن جو حصو بڻجي آهي.

پروگرام ۾ ميزبان ڪپل شرما سوال ڪيو ته شوٽنگ ۾ ڪڏهن ناپسنديدا واقعو پيش آيو جنهن تي نورا ذاتي واقعي بابت انڪشاف ڪيو جنهن تي نه رڳو مداح به ڪپل، ارچنا پورن سنگهه ۽ ساٿي اداڪار ايوشمان ۽ جيديپ به ڇرڪي پيا.

نورا فتيحي ٻڌايو ته سندس پهرين فلم جي شوٽنگ بنگلاديش جي جهنگ ۾ ٿي رهي هئي، اتي سندس ساٿي اداڪار(هيرو) هن سان بد تميزي ڪئي ته هن کيس چماٽ وهائي ڪڍي جنهن بعد اداڪار (هيرو) به جواب ۾ چماٽ هنئي.

اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته هن کيس ٻيهر چماٽ هنئي جنهن تي اداڪار هن جا وار پٽيا ۽ پوءِ وڏو جهيڙو شروع ٿي ويو جنهن کي فلم ڊائريڪٽر اچي حل ڪيو.

واضح رهي ته نورا فتيحي جي پهرين فلم ”رور“ هئي جيڪا 2014 ۾ ريليز ٿي، فلم جي اداڪارن ۾ بگ باس سيزن 14 جو اڀينوو شڪلا، آرن چوڌري ۽ سبراتا دتا شامل هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.