جذباتي ٿي ويو هئس، وحشي جوابدار جو ساٿي عورت جا 35 ٽڪر ڪرڻ جو اعتراف

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) انڊيا ۾ پنهنجي ساٿي کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتارجوابدار آفتاب پونا والا عدالت کي ٻڌايو ته هن ڄاڻي واڻي ايئن ناهي ڪيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اڱاري تي دهلي جي عدالت پونا والا اعتراف ڪيو آهي ته هن وقتي ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ساٿي کي قتل ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب جوابدار ٻڌايو ته هو پوليس سان تعاون ڪري رهيو آهي ۽ هن اهڙين جڳهن جي نشاندهي ڪئي آهي جتي شرڌا پالڪر جي جسم جا ٽڪرا دفن ڪيا هئا.

28 سالن جي آفتاب پونا والا عدالت ۾ چيو ته هو سموري ڄاڻ فراهم ڪندو پر هن واقعي کي گهڻو وقت گذري چڪو آهي ان لاءِ کيس ڪجهه شيون ياد ناهن.

سومر تي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جاچ ۾ گمراهه ڪري ٿو.

عدالت ڌرين کي ٻڌڻ بعد آفتاب پونا والا کي وڌيڪ چئن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي ڪيو آهي.

عدالت جوابدار جي پولي گراف يا ڪوڙ پڪڙڻ واري ٽيسٽ جي درخواست قبول ڪري ڇڏي.

رپورٽ موجب مئي ۾ پونا والا ۽ سندس ساٿي شرڌا والڪر وچ ۾ هلندڙ سال مئي ۾ هڪ فليٽ ۾ منتقل ٿيڻ بعد جهيڙو ڪيو.

پوليس پوناوالا جي انڪشاف جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڏند چڪ بعد جسماني تشدد ٿيو ۽ پوءِ جوابدار ناري جو ڳلو دٻائي قتل ڪيو. پوليس موجب اهو سڀ ڄاڻي واڻي ڀلي نه ٿيو هجي پر قتل بعد منصوبابندي ڪئي وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب آفتاب امين پهريون پنهنجي ساٿي شرڌا والڪر جي لاش جا ٽڪرا فريزر ۾ رکيا ۽ پوءِ 18 ڏينهن هو دهلي ويجهو جهنگ ۾ هڪ هڪ ڪري اڇلائيندو رهيو.

سيپٽمبر ۾ شرڌا جي ويجهي دوست هن جي ڀاءُ کي ٻڌايو ته سندس فون ٻن مهينن کان بند آهي. نومبر ۾ ناري جو پيءُ سندس فليٽ تي آيو جتي تالو لڳل ڏٺائين.

ان کانپوءِ هنن پوليس کي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو جتي هنن پوليس کي اهو به ٻڌايو ته ناري اڪثر چوندي هئي ته آفتاب امين مٿس تشدد ڪندو رهندو آهي.

ان درخواست بعد پوليس آفتاب کي گرفتار ڪيو ۽ جاچ ڪئي جنهن ۾ جوابدار ٻڌايو ته شرڌا اڪثر شادي جي ڳالهه ڪندي هئي جنهن تي جهيڙو ٿيندو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.