ڪراچي ۾ هلڪي مسئلي سبب روز اٺ، ڏهه ماڻهو مرڻ جو انڪشاف

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي ۾ کنگهه، زڪام ۽ نزلي جي ڪري روز اٺ کان ڏهه وڏي عمر جا ماڻهو موت جي منهن ۾ وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

وائيس چانسلر جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي امجد سراج خانگي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هن وقت وڏي عمر جا شهري ڪورونا جي ڪري گهٽ جڏهن ته فلو جي ڪري وڌيڪ موت جو شڪار بڻجي رهيا آهن.

پروفيسر امجد سراج چيو ته روز اٺ کان ڏهه شهري فلو جي ڪري زندگيون وڃائي ڇڏن ٿا. سرڪاري ۽ خانگي طبي سينٽرن ۾ روز جي بنيادن تي فلو جا سوين مريض آندا وڃن ٿا.

هن اهو به چيو ته ماڻهو فلو ويڪسين لڳرائي سولائي سان پاڻ کي محفوظ بڻائي سگهن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.