اولهه جون انٽيليجنس ايجنسيون ڪاوڙيل روسين کي ايجنٽ ڀرتي ڪن: سي آءِ اي عهديدار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي ڳجهي ايجنسي جي عهديدار روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ڪاوڙيل روسي شهرين کي اولهه ملڪن جي ڳجهي ايجنسين ۾ ڀرتي ڪرڻ جو خيال ڏنو آهي.

آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب سي آءِ اي جي ڊپٽي ڊاريڪٽر آپريشنز ڊيوڊ مارلوف هڪ پينل جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته يوڪرين تي قبضو روس جي صدر پيوٽن لاءِ وڏي ناڪامي آهي.

هن چيو ته اولهه انٽيليجنس ايجنسين کي گهرجي ته روسي شهرين مان ايجنٽ ڀرتي ڪن.

سي آءِ اي عهديدار چيو آهي ته اسان سڄي دنيا ۾ اهڙي روسين جي ڳولا ۾ آهيون جيڪي پيوٽن مان اسان وانگر کي بيزار آهن.

برٽس انسائيڊر جي رپورٽ موجب گذريل هفتي برطانوي انٽيليجنس جي اعليٰ عهديدار ٻڌايو هو ته هلندڙ سال يورپي ملڪن چار سئو روسي عهديدارن کي جاسوسي جي الزامن تي ملڪ بدر ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.