چين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جي انگ ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي.

چين ۾ ٽيويهه نومبر تي ايڪٽيهه هزار پنج سئو ستاويهه ڪيسن جي تصديق ٿي جيڪو وبا جي شروعات کان وٺي سڀ کان وڌيڪ انگ آهي.

انکان اڳ اپريل ٻه هزار ٻاويهه ۾ اڻويهه هزار ٽي سئو سترهن ڪيس رپورٽ ٿيا هئا پر هاڻي اهو رڪارڊ به ٽٽي پيو آهي.

گادي واري هنڌ بيجنگ ۽ گوانگزو ڪووڊ جي تازي لهر جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي.

پر هاڻي به روز رپورٽ ٿيندڙ لڳ ڀڳ نوي سيڪڙو ڪيس اهڙا آهن جن ۾ مريضن ۾ علامتون ظاهر نه ٿيون.

تازي لهر دوران ڪووڊ کان متاثر ٿي ڇهه ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن جن مان اڪثر جو تعلق بيجنگ کان هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.