ملائيشيا جي بادشاهه مخالف ڌر اڳواڻ انور ابراهيم کي وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو

ڪولالمپور(ويب ڊيسڪ)ملائيشيا جي بادشاهه مخالف ڌر اڳواڻ انور ابراهيم کي ملڪ جو نئون وزيراعظم مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ملائيشيا جو شاهه السطان عبدالله اڄ ملائيشين پيلس ۾ انور ابراهيم کان حلف وٺندو.

رپورٽ موجب ملائيشيا ۾ پنج ڏينهن اڳ ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪا به پارٽي اڪثريت نه ماڻي سگهي هئي.

انور ابراهيم جو اتحاد ٻياسي سيٽن سان سوڀارو هو. اڳوڻي وزيراعظم محي الدين جو اتحاد ستٽيهه سيٽون کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.

وزيراعظم اسماعيل صابري جو حڪمران اتحاد ٽيهه سيٽون کڻي ٽئين نمبر تي رهيو جڏهن ته حڪومت سازي لاءِ ٻه سئو ٻاويهه مان هڪ سئو ٻارهن سيٽن تي ڪاميابي ضروري هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.