ڪرسٽيانو رونالڊو تي ٻن ميچن جي پابندي ۽ ڏنڊ لاڳو

پرتگال جي سپر اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو تي مداح جي هٿ مان سندس موبائيل فون کسي هيٺ اڇلائڻ تي ٻه علائقائي ميچن جي پابندي مڙهي وئي آهي.

هلندڙ سال اپريل ۾ مانچسٽر يونائيٽڊ طرفان کيڏندي رونالڊو انگلش فٽبال ڪلپ ايورٽن هٿان شڪست کانپوءِ ميدان کان ڊريسنگ روم وڃي رهيو جنهن دوران تماشائين ۾ موجود هڪ مداح سندس وڊيو رڪارڊ ڪري رهيو جنهن تي رونالڊو ڪاوڙ ۾ اچي ان کان فون کسي هيٺ اڇلائي ڇڏيو.

ان کانپوءِ رونالڊو فين سان ڪيل پنهنجي عمل تي انسٽاگرام تي معافي پڻ ورتي هئي.

پر ان واقعي جي جاچ جاري هئي جيڪا هاڻي مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ فٽبال ايسوسيئيشن رونالڊو تي ٻن علائقائي ميچن جي پابندي سان گڏ پنجاهه هزار پائونڊز ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو ويو آهي.

فٽبال ايسوسيئيشن موجب رونالڊو تي ٻن ميچن جي پابندي ڊوميسٽڪ سطح ٿيندڙ مقابلن لاءِ آهي، عالمي ميچن تي اها پابندي اثرانداز نه ٿيندي ۽ هو ورلڊ ڪپ ۾ پرتگال جي نمائندگي ڪري سگهي ٿو جڏهن ته چيمپيئنز ليگ جي ميچن تي پڻ اها پابندي لاڳو نه هوندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.