ڪيمرون ڄائي ايمبولو ڪيمرون خلاف ئي گول ڪري سوئيٽزر لينڊ کي سوڀ ڏياري ڇڏي

دوحا( ويب ڊيسڪ ) فيفا ورلڊ ڪپ: سوئيٽزر لينڊ ڪيمرون کي 0-1 تان شڪست ڏئي ڇڏي

فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ گروپ جي جي اسٽيج ميچ ۾ سوئيٽزر لينڊ ڪيمرون کي 1-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ميچ جي سڀ کان دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سوئيٽرزلينڊ طرفان واحد گول اسڪور ڪندڙ بريل ايمبولو جو واسطو ڪيمرون سان ئي آهي، 25 ورهين جي ايمبولو ڪيمرون جي گادي واري شهر يواونڊي ۾ پيدا ٿيو ۽ 18 سال جي عمر ۾ پنهنجي ڪٽنب سميت سوئيٽرز لينڊ منتقل ٿي ويو هو.

ميچ جي شروعات ۾ ڪيمرون زبردست راند جو مظاهرو ڪيو پر ان جا رانديگر گول ڪرڻ لاءِ ملندڙ ڪيئي موقعن مان فائدو حاصل نه ڪري سگهيا.

ميچ دوران سوئيٽزر لينڊ جي ٻن ۽ ڪيمرون جي هڪ رانديگر کي يلو ڪارڊ ڏيکاريو ويو جڏهن ته ميچ دوران سڀ  کان وڌيل فائولز سوئس رانديگرن ڪيا جن جو انگ ٻارنهن هو، ڪيمرون طرفان ڏهه فائول ڪيا ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.