ٿولهه جو شڪار نوجوان وزن گهٽائي گهر پهتو ته مالڪن ئي کيس سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو!

 

ڊبلن (ويب ڊيسڪ) آئرلينڊ ۾ ٿولهه جو شڪار هڪ نوجوان 10 مهينن کانپوءِ واپس گهر پهتو ته هو ٿولهه ۾ ايتري گهٽتائي آڻي ڇڏي هئي جو گهر وارن کي ئي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب 24 ورهين جي بريان او ڪيفي نالي ان نوجوان جو واسطو آئرلينڊ جي شهر ڪارڪ سان آهي، ڪو وقت هو جڏهن ان جو وزن 153 ڪلو گرام تائين پهچي چڪو هو.

10 مهينا اڳ بريان اسپين منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو، اسپين ۾ هن پنهنجي خوراڪ ۽ زندگي گذارڻ جي طريقي ۾ اهڙيون تبديليون آنديون جو مهينن ۾ سندس وزن 64 ڪلو گرام گهٽجي ويو ۽ هو هڪ سمارٽ نوجوان بڻجي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هو واپس آئرلينڊ آيو ته گهر وارا ئي کيس ڏسي دنگ رهجي ويا.

پنهنجو وزن گهٽائڻ جو راز ٻڌائيندي نوجوان چيو ته مان ان  عرصي ۾ روز رڳو 2200 ڪيلوريز واري خوراڪ کائيندو رهيس ۽ روز 5 ڪلاڪ ورزش ڪندو هيس، 7 مهينن تائين پنهنجي ڊائيٽ ۽ ورزش مسلسل جاري رکي، ان دوران مون کي ڪيترائي ڀيرا انجري پڻ ٿي پر مان چُپ نه ويٺس ۽ نتيجو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس، جيڪو چاهيم پئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.