ڪرن جوهر لائونچ ڪيو ان لاءِ ماڻهو نفرت ڪندا آهن: جهانوي ڪپور

بالي ووڊ اداڪارا جهانوي ڪپور جو چوڻ آهي ته هن کي فلم ڊائرڪٽر ڪرن جوهر فلمن ۾ آندو ان لاءِ سڀ هن کان نفرت ڪندا آهن.

 بطورِ پروڈیوسر کرن جوہر نے 2018 میں جھانوی کپور کو فلم ’دھڑک ‘ میں لانچ کیا تھا(فائل فوٹو)

پرڏيهي ميڊيا موجب انٽرويو ۾ سري ديوي جي ڌيءُ جهانوي انڪشاف ڪيو  ته ماڻهو هن سان ان لاءِ سولائي سان نفرت ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته ڪرن جوهر کيس فلم ۾ لائونچ ڪيو هو جڏهن ته ان تي کيس ڪو پڇتاءُ ناهي.

ڪرن جوهر ڌرما پروڊڪشن تان ڪيترين ئي باليووڊ اداڪارن جي ٻارن کي فلمن ۾ لائونچ ڪري چڪو آهي ۽ انهن کي سپر اسٽار بڻائي چڪو آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن تي نيپوٽزم واري تنقيد ڪئي ويندي آهي.

هن چيو ته اهو ئي ڪارڻ آهي جو مٿس نيپوٽزم ذريعي انڊسٽري ۾ اچڻ جو الزام لڳايو ويندو آهي ۽ اها تنقيد ٿيندي آهي ته هوءَ پنهنجي قابليت نه پر سري ديوي جي ڌيءُ هجڻ تي فلمن ۾ آئي آهي.

ان ڏس ۾ هن چيو ته اها حقيقت آهي ته ڌرما پروڊڪشن جو وڏو هائوس آهي جنهن کي وڏي انگ ۾ عوام ڏسندو آهي، ان سان ڪير ڀيٽ نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ دٻاءُ هوندو آهي ۽ نفرت جوهدف پڻ بڻايو ويندو آهي.

واضح رهي ته ڪرن جوهر 2018 ۾ بطور پروڊيوسر جهانوي ڪپور کي فلم ”ڌڙڪ“ ۾ لائونچ ڪيو هو ۽ تازو ئي سندس فلم ”ملي“ جلد سينيما گهرن ۾ ريليز ٿيڻ واري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.