چوٿين اسٽيج جي ڪينسر کي شڪست ڏيندڙ ٻارڙي جي پيءَ جو جذباتي پيغام!

 

پيءَ جو پنهنجي ڌيءَ سان جيڪو پيار هوندو آهي، اهو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.

تازو هڪ پيءَ ٽوئيٽر تي پنهنجي ڌيءَ جي تصوير جاري ڪندي اهڙو ڪجهه لکيو آهي جو سڀ جذباتي ٿي ويا.

وجاهت علي نالي هڪ ٽوئيٽر واهپيدار پنهنجي ڪينسر کان بچي ويندڙ ڌيءَ جي تصوير پوسٽ ڪئي ۽ ٻڌايو ته سندس ڌيءَ ڪيئن ڪينسر جو مقابلو ڪيو ۽ ان کي شڪست ڏني.

وجاهت علي لکيو ته ”ٿينڪس گيونگ کان اڳ ان ٻُڏندڙ جهنم جي منظر ۾ ڪجهه مٺاڻ آهي، هي آهن منهنجي ڌيءَ جا خوبصورت وارَ، 3 سال اڳ هن چوٿين اسٽيج جي ڪينسر جي ڪيموٿراپي دوران اهو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو هو، اڄ هوءَ 6 ورهين جي آهي ۽ ڪينسر کان پاڪ آهي ۽ هاڻ پنهنجي ايم ايم اي ڪلاس کان واپس آئي اهي، پنهنجي پيارن ۽ زندگي مان لطف اندوز ٿيو“.

ان پوسٽ تي واهپيدارن طرفان ڪينسر جو مقابلو ڪندڙ بهادر ٻارڙي جي تعريف ڪئي پئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.