ڪوئن ٻه سئو ڪلو چرس چَٽ ڪري ڇڏيو!

ڀارتي رياست اترپرديش ۾ پوليس مقامي عدالت کي ٻڌايو آهي ته منشيات فروشن وٽان هٿ آيل اٽڪل ٻه سئو ڪلو گرام چرس ڪوئا کائي ويا آهن.

اترپرديش جي عدالت چيو آهي ته ڪوئا تمام ننڍا جانور آهن ۽ انهن کي پوليس ڪو ڊپ ناهي ۽ چرس کي ڪوئن کان بچائڻ آسان ناهي.

عدالت پوليس کي حڪم ڏنو هو ته هو منشيات بابت هڪ ڪيس ۾ عدالت۾ ثبوت پيش ڪري، جج پنهنجي فيصلي ۾ ٽن اهڙن عدالتي ڪيسن جو حوالو ڏنو جن ۾ ڀنگ ۽ چرس کي ڪوئن تباهه ڪري ڇڏيو هو.

جج سنجي چوڌري پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته پوليس کي چيو ويو هو ته قبضي ۾ ورتل منشيات کي ثبوت طور عدالت ۾ پيش ڪري، پر پوليس عدالت کي ٻڌايو ته ڪوئن 195 ڪلو چرس ضائع ڪري ڇڏيو آهي.

هڪ ٻئي ڪيس ۾ پوليس عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي هئي ته 386 ڪلو چرس مان ڪجهه ڪوئا کائي ويا آهن.

جج سنجي چوڌري هڪ ٻئي ڪيس جو حوالو ڏنو جنهن ۾ اتر پرديش پوليس عدالت کي ٻڌايو هو ته قبضي ۾ ورتل ست سئو ڪلو چر پوليس ٿاڻي ۾ پيو آهي ۽ خطرو آهي ته ان کي ڪوئا نقصان رسائي سگهن ٿا.

جج لکيو ته پوليس وٽ ڪوئن کي روڪڻ جي ڪائي مهارت نه آهي ڇو جو ڪوئا سائز ۾ تمام ننڍا هوندا آهن، جج تجويز ڪيو ته قبضي ۾ ورتل منشيات کي ڪوئن کان بچائڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته ان کي ميڊيڪل ڪمپينن ۽ ليبارٽررين کي وڪرو ڪيو وڃي ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وڃي.

ٻئي پاسي مٿورا ضلعي جي سينيئر پوليس اهلڪار ايم پي سنگهه ٻڌايو ته سندن حدن جي ٿاڻن ۾ اسٽور ڪيل منشيات کي ڪوئن جي ڪرينه پر تيز برساتن سبب نقصان پهتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.