ڏِڏُ شاگردن جا ٺٺ، حڪومت وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

پڙهائي ۾ ڪمزور لکين شاگردن جا ٺٺ ٿي ويا آهن، تعليمي بورڊن امتحانن لاءِ اوپن پاليسي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن موجب شاگرد ڊويزن امپروومينٽ لاءِ جيترا دفعا چاهين امتحان ڏئي سگهندا.

لاهور سميت سڄي صوبي جي سمورن تعليمي ادارن امتحانن لاءِ اوپن پاليسي متعارف ڪرائي آهي، پاليسي تحت ڊويزن امپروومينٽ لاءِ پنجاهه سيڪڙو کان گهٽ نمبرن جي شرط ختم ڪئي وئي آهي، هاڻ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ نمبر کڻڻ وارا شاگرد به امتحان ڏئي سگهندا.

ان کان اڳ شاگردن وٽ ڊويزن امپروومينٽ ۽ سپليمنٽري امتحان ڏيڻ لاءِ رڳو چار موقعا هئا، پنجاب بورڊ آف ڪميٽي آف چيئرمينز امتحانن جي حوالي سان نئين پاليسي جو باظابطا نوٽيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ڄاڻايل پاليسي سال 2019ع جي امتحانن کان لاڳو هوندو، لاهور بورڊ تحت ساليانو نوَ لک شاگرد امتحان ڏنيدا آهن جڏهن ته سڄي صوبي جي تعليمي بورڊز تحت ساليانو چاليهه لک کان وڌيڪ شاگرد امتحان ڏيندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.