غلطي سان ڪو انسان ٽڪي جو ناهي ٿي ويندو: عفت عمر

مشهور اداڪارا ۽ سپر ماڊل عفت عمر چيو آهي ته غلطي انسان کان ئي ٿيندي آهي پر ان غلطي سبب هو انسان کي ٽڪي جو ناهي بڻائيندي.

خانگي چينل جي هڪ پروگرام جي انٽرويو ۾ عفت عمر چيو آهي ته هڪ غلطي جي معافي جيئن مرد کي ملندي آهي اهڙي طرح عورت کي به ملڻ گهرجي، ڪا به عورت ٽڪي جي ناهي هوندي، زماني ۾ هرطرح جون ڪهاڻيون آهن، غلطي انسان کان ئي ٿيندي آهي، پر ان غلطي سان انسان ٽڪي جو ناهي ٿي ويندو.

هن کان سوال ڪيو ويو ته هوءَ هن عمر ۾ به ايتري جوان ڪيئن آهي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته ڊاڪٽرن جي مدد سان.

هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙو ڪو ڪردار کيس نظر نٿو اچي جنهن لاءِ هوءَ ڪم ڪري ان لاءِ ڪجهه وقت کان اسڪرين کان پري آهي. رڳو عورت کي مظلوم ڏيکارڻ واريون ڪهاڻيون آهن، عورت کي روئندي ڏيکاريو ٿو وڃي ، ڪهاڻيون بيڪار ٿينديون ٿيون وڃن

هڪ ڊرامي ۾ فيروز خان پاران تشدد جي سين تي عفت عمر چيو ته هنن اسڪرپٽ تي ڳالهه ٻول ڪئي ته ان وقت به ڪٽڻ ۽ تشدد تي فيروز کي چيو ته نه ڪري، اهو شديد تشدد هو.

هن وڌيڪ چيو ته ان باوجود ان ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جو مقصد هو ته اداڪار آهيان، بنيادي طور تي پروفيشنلز کي نٿي ڇڏي سگهان، هن چيو ته ڊرامي ڪرڻ تي حامي ڀري هئي ان لاءِ اڌ ۾ ڇڏي نه پئي سگهان.

هن جو چوڻ هو ته سندس ڌيءُ 22 سالن جي آهي، هاڻي ڪو ڪردار کيس مليو ته ماءُ جو ئي هوندو ڪنهن نوجوان جي هيروئن نٿي بڻجي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.