صدر صحيح ڪري ڇڏي، جنرل عاصم منير پاڪستان جو نئون آرمي چيف مقرر

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي اهم مقررين بابت سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ جنرل عاصم منير نئون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين بڻجي ويو.

واضح رهي ته آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقرري جي سمري اڄ ايوان صدر کي وصول ٿي هئي، جنهن کانپوءِ صدر عارف علوي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد موٽي ويو هو.

صدر آئين جي آرٽيڪل 243 تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي منظوري ڏني.

صدر طرفان سمري منظور ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين آرمي چيف جي اڄ ئي وزيراعظم ۽ صدر سان ملاقات ٿيندي، جڏهن ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين به صدر ۽ وزيراعظم سان ملندو.

جنرل عاصم منير جي پيشيوراڻي زندگي تي هڪ نظر

ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير منگلا ٽريننگ اسڪول مان پاس آئوٽ ٿيو ۽ هن فوج ۾ فرنٽيئر فورس رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي.

هن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ماتحت بريگيڊيئر طور فورس ڪمانڊ ناردرن ايرياز ۾ فوج جي ڪمان سنڀالي، کيس 2017 ۾ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس مقرر ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر 2018 ۾ آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻايو ويو پر هو مختصر عرصي لاءِ ان عهدي تي رهيو.

آءِ ايس آءِ جي سربراهي کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر ڪيو ويو ۽ ٻن سالن کانپوءِ هو جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي مقرر ٿيو ۽ هاڻ به ان ئي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير پهريون آرمي چيف هوندو، جيڪو ملٽري انٽيليجنس ۽ آءِ ايس آءِ ۾ رهي چڪو آهي، جنرل عاصم پهريون آرمي چيف آهي، جيڪو شمشير يافته آهي، هو قرآن پاڪ جو حافظ به آهي.

نئين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي ڪيريئر جي هڪ نظر

ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي فوجي ڪيريئر جي شروعات 8 سنڌ رجمينٽ سان ڪئي ۽ هو پي ايم اي مان تربيت مڪمل ڪري پاڪ فوج ۾ شامل آهي، جڏهن ته فور اسٽار جنرلز جي مقرري جي سينارٽي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي هو.

هو سيپٽمبر 2021 کان ڪور ڪمانڊر راولپنڊي آهي، جون 2019 ۾ چيف آف جنرل اسٽاف جي عهدي تي مقرر ٿيو، جڏهن ته مختصر مدي لاءِ ايڊجوٽنٽ جنرل جي ايڇ ڪيو به رهيو.

ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا آڪٽوبر 2018 ۾ وائيس چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ٿيو، هن 2015 کان 2018 تائين ڊي جي ملٽري آپريشنز طور خدمتون انجام ڏنيون، ساحر شمشاد ليفٽيننٽ ڪرنل، بريگيڊيئير ۽ ميجر جنرل ملٽري آپريشنز ڊائريڪٽوريٽ ۾ خدمتون انجام ڏنيون.

هن ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد گروپن خلاف آپريشن سپروائز ڪيا ۽ انٽرا افغان ڊائلاگ ۾ به متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رهيو.

ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا گلگت بلتستان جي سڌارن واري ڪميٽي جو حصو پن رهيو، هن جي او سي 40 انفينٽري ڊويزن اوڪاڙا ۾ به خدمتون انجام ڏنيون، اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) راحيل شريف جي دور ۾ ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشنز به رهيو آهي.

ساحر شمشاد هن وقت پاڪ فوج جي ٽين ڪور راولپنڊي جو ڪور ڪمانڊر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.