”پاڪ-سريلنڪا سيريز ۾ ميچ فڪسنگ ٿي“ آءِ سي سي کي جاچ جي درخواست

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته آءِ سي سي کي پاڪستان جي هلندڙ سال جولاءِ ۾ سريلنڪن دوري دوران ميچ فڪسنگ وارن الزامن جي جاچ لاءِ درخواست ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اربع سريلنڪا جي مخالف ڌر جي قانونساز نلين بندارا جي پارليامنٽ ۾ اهڙي دعويٰ کانپوءِ سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ فوري طور ايڪشن ورتو آهي .

لنڪن بورڊ آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ جي سربراهه ايلڪس مارشل کي چيو ته هو سريلنڪا جو دورو ڪري ۽ انهن الزامن جي جاچ ڪري، جنهن سبب ملڪ جي  ساک کي تمام گهڻو نقصان رسيو آهي.

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ موجب هو ڪرڪيٽ کي شفاف بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ اميد آهي ته آءِ سي سي کان جاچ ڪرائڻ تازن جي الزام جي روشني ۾ درست طريقيڪار آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ جولاءِ ۾ ٿيل سيريز هڪ، هڪ تان برابر ٿي هئي.

ياد رهي ته سريلنڪا جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڪيئي ورهين کان ڪرپشن ۽ جهڙن جهٽن سبب متاثر آهي.

سريلنڪا جي راندين واري اڳوڻي برين فرنينڊو موجب آءِ سي سي سريلنڪا کي دنيا جي ڪرپٽ ترين ملڪن مان هڪ سمجهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.