”آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصي تي ڪنٽرول جي ڀارتي دعويٰ پروپئگنڊا آهي“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري اداري (آءِ ايس پي آر) ڀارتي فوج جي اعليٰ آفيسر طرفان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ڪجهه حصن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي بيان کي ڀارتي پروپئگنڊا قرار ڏيندي ان جي سخت مذمت ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڀارتي فوج جي دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته پاڪ فوج خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پرعزم ۽ هر قسم جي اڳڀرائي جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت اعليٰ ڀارتي فوجي آفيسر جو بيان بي بنياد آهي، آزاد ڪشمير ۾ نالي ماتر دهشتگردن جي لانچ پيڊ جي دعويٰ ڪوڙي آهي ۽ اهو بيان ڀارتي فوج جي پروپئگنڊا واري سوچ کي ظاهر ڪري  ٿو.

آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حقن جي جدوجهد کي چٿڻ ۾ مصروف آهي ۽ هٿين خالي ڪشميرين خلاف انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا بي بنياد بيان ڏيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.