عورت کي هراسان ڪرڻ تي بابر اعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ وارو مامرو، عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

قومي ڪرڪيٽر بابر اعظم پنهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري عدالتي فيصلي خالف درخواست داخل ڪئي.

جسٽس محمد وحيد خان بابر اعظم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وڪلين  کي دليلن لاءِ طلب ڪندي ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته بابر اعظم ڪيس داخل ڪرڻ واري سيشن ڪورٽ جي حڪمن کي چئلينج ڪيو آهي.

ياد رهي ته سيشن ڪورٽ هراسان ڪرڻ واري معاملي تي بابر اعظم خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

سال 2020ع ۾ لاهور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حاميزا نالي عورت بابر اعظم تي الزام مڙهيا هئا ته ڪرڪيٽر کيس عدالتي پرڻي جي بهاني گهران ڀڄائي ويو ۽ مختلف هنڌن تي مسواڙي گهرن ۾ ترسائيندو رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.