پاڪ-انگلينڊ ٽيسٽ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان،تڪراري ايمپائر ايراسمس به شامل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان انگلينڊ ٽيسٽ سيريز لاءِ ميچ آفيشلز جو اعلان ڪيو ويو آهي.

گڏيل طور تي 7 ايمپائرز تي ٻڌل آفيشل جو پئنل ترتيب ڏنو ويو جن ۾ احسن رضا، آصف يقعوب ۽ راشد رياض به ميچ آفيشلز جو حصو آهن.

راولپنڊي ۽ ڪراچي ٽيسٽ ۾ جو ولسن ۽ احسن رضا فيلڊ ايمپائرنگ جو فرض انجام ڏيندا جڏهن ته ماريس ايراسمس ۽ عليم ڊار ملتان ٽيسٽ ۾ فيلڊ ايمپائرنگ جا فرض انجام ڏيندا.

انگلينڊ جي پاڪستان جي دوري دوران ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ اينڊي پائڪرافٽ کي ريفري نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.