سنڌ جي يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ وائيس چانسلرز جو اجلاس طلب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ 27 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جو اجلاس 28 نومبر تي منجهند 12 وڳي طلب ڪري ورتو آهي.

اجلاس ۾ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين بحال ڪرڻ واري فيصلي تي عملدرآمد جو طريقيڪار طئي ڪيو ويندو.

ياد رهي ته صوبائي ڪابينا ۽ سنڌ اسيمبلي شاگرد يونين جي بحالي واري بل جي منظوري ڏئي چڪي آهي جڏهن ته 1984 کان اڳ قائم ٿيل سمورين يونيورٽين جن جو انگ 7 کان گهٽ آهي ان ايڪٽ ۾ شاگرد يونين ۽ انهن عهديدارن بابت شق موجود آهي پر انهن 20 يونيورسٽي جي ايڪٽ  ۾ شاگرد يونين جو ذڪر ئي ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.