عمران خان جو پلاسٽر لهي ويو، سفر جي اجازت

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽرن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي سفر جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ڊاڪٽر خالد نيازي موجب عمران خان جي ڄنگهه تي لڳل پلاسٽر لاٿو ويو آهي ۽ سندس گوڏي جي مٿان زخم تقريبن ٺيڪ آهن، جڏهن ته گوڏي جي هيٺان زخم ٺيڪ ٿيڻ ۾ هفتو لڳندو.

هن چيو ته عمران خان پنهنجي ڄنگهه ڌوئي سگهي ٿو ۽ هلڪو وزن وجهي سگهي ٿو، جڏهن ته هو هاڻ سفر به ڪري سگهي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.