فيفا ورلڊ ڪپ: بيلجيئم ڪئناڊا کي 1-0 تان هارائي ڇڏيو

دوحا ( ويب ڊيسڪ ) قطر ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊ ڪپ جي گروپ ايف جي ميچ ۾ بيلجيئم ڪئناڊا کي 1-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي .

احمد بن علي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾بيلجيئم طرفان ميچ جي 44 هين منٽ ۾ بيشواءِ گول اسڪور ڪري ٽيم کي سرسري ڏياري جيڪا ميچ جي پڄاڻي تائين برقرار رهي، اهڙي نموني بيلجيئم ڪئناڊا کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان هارائي ڇڏيو .

ان کان اڳ کيڏيل ميچ ۾ اسپين ڪوسٽاريڪا کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو ۽ مخالف ٽيم کي ست ٻڙي تان مات ڏني جڏهن ته ايشين پاور جپان جي ٽيم يورپي هيوي ويٽ ٽيم جرمني کي اَپ سيٽ شڪست ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.