بي پي ايل کيڏڻ لاءِ ڪيئي پاڪستاني ڪرڪيٽر پي سي بي جي اجازت جا منتظر

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش پريميئر ليگ ( بي پي ايل ) 2023ع ۾ ڪيئي پاڪستاني ڪرڪيٽرز ايڪشن ۾ نظر ايندا.

اربع تي بي پي ايل جا ڊرافٽ مڪمل ٿيا جنهن ۾ پاڪستاني رانديگرن مختلف اسڪواڊن جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

رپورٽن موجب شاهين شاهه آفريدي، محمد رضوان، حسن علي، ابرار احمد ڪوميلا وڪٽورينز جو حصو بڻجي ويا جڏهن ته حيدر علي، محمد وسيم جونيئر، افتخار احمد ۽ عثمان قادر فارچون بريشل ۾ شامل آهن.

انکانسواءِ وهاب رياض، نسيم شاهه ۽ اعظم خان کلنا ٽائيگرز جي نمائندگي ڪندا جڏهن ته شعيب ملڪ، محمد نواز ۽ حارث رئوف رنگپور رائيڊرز ڏانهن کيڏندا.

ٻئي پاسي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) موجب بي پي ايل لاءِ اڃا تائين رڳو 9 قومي ڪرڪيٽرز کي اين او سي جاري ڪئي وئي آهي، وهاب رياض، خوشدل شاهه، شعيب ملڪ، محمد نواز  انهن نوَ ڪرڪيٽرن ۾ شامل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.