صدر عارف علوي جي عمران خان سان اهم ملاقات

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات کانپوءِ اسلام آباد روانو ٿي ويو.

صدر عارف علوي اڄ منجهند اسلام آباد کان لاهور لاءِ روانو ٿيو، ڪجهه دير ڊفينس ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي ترسڻ کانپوءِ عمران خان جي زمان پارڪ واري رهائشگاهه تي پهتو.

صدر عارف علوي ۽ عمران خان ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ آرمي چيف جي مقرري جو معاملو غور هيٺ آيو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ عمران خان چيو هو ته صدر وٽ آرمي چيف جي مقرري جي سمري ايندي ته مون سان صلاح ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.