صدر اهم مقررين ۾ رنڊڪ وڌي ته … اسحاق ڊار اهم بيان ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن صدر اهم مقرري ۾ رنڊڪ وڌي ته اسان وٽ پلان بي موجود آهي.

هڪ بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته عهدن تي ميرٽ تي مقرري جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي، الله نئين ذميواري سنڀالڻ وارن تي رحمت فرمائي.

ناڻي واري وزير چيو ته پاڪ فوج جي ٻن اهم عهدن تي مقرريون 28 هين نومبر تائين ٿي وينديون، جيڪڏهن صدر مقررين ۾ رنڊڪ وڌي ته اسان وٽ پلان به پڻ موجود آهي.

هن چيو ته چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري 27 هين نومبر کان اڳ ٿي ويندي ۽ ٻئي مقرريون ٻن مختلف ڏينهن تي به ٿي سگهن ٿيون تنهنڪري اميد آهي ته 28 هين نومبر تائين مقررين وارو سموروعمل مڪمل ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.